لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ٻن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان 0-2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. سيريز ۾ بيٽنگ ۾ ٻنهي ٽيمن طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون پاڪستان جي بيٽسمين مختار احمد ٺاهيون. هن ٻن ميچن جي ٻن اننگن ۾ 72.50 جي شرح سان 145 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ سندس هڪ اننگ ۾ وڌ کان وڌ اسڪور 83 هو. هن مجموعي طور تي 18 چوڪا ۽ 4 ڇڪا لڳايا. ٻي نمبر تي زمبابوي جو مسڪدزار آهي جنهن ٻن ميچن ۾ 41 جي شرح سان 82 رنسون ٺاهيون ٽين نمبر تي زمبابوي جو ڪپتان چڪمبرا رهيو جنهن ٻن ميچن ۾ 75 رنسون ٺاهيون سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون محمد سميع حاصل ڪيون. هن ٻن ميچن جي ٻن اننگز ۾ 14 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. وليمز 3 وڪيٽون کڻي ٻين ۽ شعيب ملڪ ٻه وڪيٽون وٺي ٽين نمبر تي رهيو