انگلينڊ نيوزيلينڊ کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 124 تان شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ نيوزيلينڊ کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 124 تان شڪست ڏئي ڇڏي. انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 389 ۽ ٻئي اننگز 478 رنسون ٺاهيون. جنهن جي جواب نيو زيلينڊ پهرين اننگز ۾ ڀرپور جواب ڏيندي 523 رنسون ٺاهي برتري حاصل ڪئي. ٻي اننگ ۾ نيو زيلنڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 334 رنسون گهربل هيون. پر پوري ٽيم 220 رنسن تي ڍير ٿي وئي. انڊريسن 67 ۽ واٽلينگ 59 رنسون ٺاهي نمايا رهيا. انگلينڊ جي بالرن اسٽوڪس ۽ بروڊ 3، 3 شڪار ڪيا. ان کان اڳ پنجي ۽ آخري ڏينهن جي ميچ دوران نيو زيلينڊ اننگ شروع ڪئي ته ابتدا ۾ مشڪلات جو شڪار ٿي وئي. اوپنر مارٽن گپٽل ۽ لٿيم بنا کاتو کولڻ جي آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ٽيم دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي ۽ آخرڪار گورن ميچ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *