برطانيا جي عورتن واري فٽبال ٽيم ايندڙ هفتي ڪينيڊا جي دوري تي ويندي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) برطانوي شهزادي وليم برطانوي عورتاڻي فٽبال ٽيم سان ملاقات ڪري سندن همت افزائي ڪئي آهي. برطانيا جي عورتن واري فٽبال ٽيم ايندڙ هفتي ڪينيڊا جي دوري تي وڃي رهي آهي، ان ڪري ٽيم جي حوصلا افزائي لاءِ شهزادو وليم جيڪو فٽبال ايسوسيئيشن جو صدر پڻ آهي، فٽبال ٽريننگ ڪئمپ سٽيفرڊ شائر پهچي ويو، شهزادي رانديگرياڻين سان ملاقات ڪئي ان دوران فوٽو به گڏ ڪڍراياويا.ان موقعي تي  شهزادي کي ٽي شرٽ  جو تحفو ڏنو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *