عمران خان دهشتگردن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، انهن خلاف نئون ردالفساد لانچ ڪنداسين: ن ليگ

 مري (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جيڪو ڪري رهيو آهي، اهو ڏڦيڙ آهي، جنهن کي روڪڻ جهاد آهي ۽ هو اسٽيبلشمينٽ ۾ ان نمبر کي ڳولي رهيو آهي، جيڪو تبديل ٿي ويو آهي. مريم نواز مري ۾ خيبر پختونخواهه سوشل ميڊيا ٽيم جي ميمبرن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو وطن هن وقت وڏي ڏکيائي ۾ آهي، گذريل حڪومت معيشت کي تباهه ڪيو، عمران خان آءِ ايم ايف جي هٿان پاڪستان کي گروي رکي ويو، قسم کڻي چوان ٿي پاڪستان جي معيشت هن وقت وينٽي ليٽر تي آهي. هن چيو ته عمران خان جيڪو ڪري رهيو آهي اهو ڏڦيڙ آهي، ان کي روڪڻ جهاد آهي، هي ايترو نالائق هو جو دوست ملڪن کي دشمن جي صف ۾ اڇلائي ڇڏيائين، ترڪي جا سمورا منصوبا به دير جو شڪار آهن، ترڪي جي بزنس ڪميونٽي عمران خان سان ڪاوڙيل آهي. سندس موجب جڏهن کان لانگ مارچ ناڪام ٿيو عمران خان جي چهري تي مايوسي آهي، مان عمران خان کي صلاح ڏني ته اهڙي حالت ۾ ٻاهر ناهي اچبو، ننڊ جون ٽِڪيون کائي آرام ڪبو آهي، عمران خان پاڻ اعتراف ڪيو ته منهنجي ماڻهن وٽ هٿيار هئا، ان اعتراف کانپوءِ ان کي سياسي سرگرمي چوڻ جو ڪو جواز ناهي، جڏهن توهان وٽ هٿيار هئا ته توهان ڪهڙي نيت سان وفاق تي حملو ڪيو ها؟ زبير نيازي جي گھران ايترا هٿيار نڪتا ڄڻ هو جنگ لاءِ وڃي رهيو هو. مريم نواز چيو ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير بيان ڏنو ته صوبي جي فورس جو استعمال ڪندس، وڏي وزير جي بيان جو مطلب آهي ته هو پاڪستان تي حملو ڪرڻ چاهي ٿو، ان هٿياربند جدوجهد جو مقصد ڇا آهي؟ جن دهشتگردن خلاف آپريشن ردالفساد ٿيو، انهن کي سياسي نقاب نه پاتل هو، عمران خان دهشتگردن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇو جو ان سياسي نقاب پاتو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان پڇان پئي ته ڇا ان دهشتگرد کي کليل ڇوٽ ملندي، جيڪو پاڻ پنهنجي دهشتگردي جو اعتراف ڪري رهيو آهي، اسان نئون ردالفساد توهان خلاف لانچ ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن اهو جهاد آهي ته عمران خان جا ٻار ڪٿي آهن، اهي به مسلمان آهن، جهاد ۾ اچن ۽ پهرين صف ۾ بيهن، پنهنجي ٻارن کي به گھرايو ۽ جهادين جي فرنٽ لائن ۾ بيهاريو، جهاد آهي ته پاڻ توهان تي به فرض آهي، جهاد ته هر مسلمان تي فرض آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ ۾ ان نمبر کي ڳولي رهيو آهي، جيڪو تبديل ٿي ويو آهي، اسٽيبلشمينٽ کي آواز ڏيندو رهيو مون کي بچايو، هي عدليا ۾ هڪ ثاقب نثار کي ڳولي رهيو آهي، هن هر انهي شخص کي ڏنگيو، جنهن هن تي احسان ڪيو، آمريڪا کي للڪارڻ وارو گرفتاري جي ڊپ کان خيبر پختونخواهه ۾ لڪي ويٺو آهي، بي اعتمادي کي روڪڻ لاءِ زرداري صاحب جي پيرن ۾ وڃي ويٺو، هن بي اعتمادي کان اڳ زرداري صاحب وٽ ماڻهو اماڻيا ۽ مدد گھري، آصف زرداري عمران خان کي جواب ڏنو ائين نٿو ٿي سگھي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *