دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين

ر – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي، پي ٽي آءِ کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي، اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گذريل 13 سالن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ 417 ارب رپيا ڏنا ويا، اهي ڪٿي خرچ ڪيا ويا، ان جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي، دهشتگردي جي وري ڪر کڻڻ تي قوم سوال ڪري رهي آهي،

وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ پوليس کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ تعاون ڪندي. هن اها ڳالهه پشاور جي تازي دهشتگردي جي واقعي جي حوالي سان ايپڪس ڪميٽي جي حوالي سان اجلاس ۾ پنهنجي شروعاتي خطاب ۾ چئي. وزيراعظم پشاور جي دهشتگردي جي واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وفاقي حڪومت پاران مارجي ويلن جي پونئيرن جي لاءِ 20 لک رپيا ۽ زخمين جي لاءِ 5 لک رپيا جي معاوضي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي جي واقعن جو هڪ تازو سلسلو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان جي سيڪيورٽي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم دهشتگردي جي لعنت سان گڏجي وڙهڻ جي لاءِ سڀني صوبن جي وچ ۾ اتحاد تي زور ڏنو. هن پشاور واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي جاري مهم جي مذمت ڪندي ان کي بي بنياد قرار ڏنو. شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي جي واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ دهشتگردي تي ضابطو آندو ويو هو، قوم سوال ڪري رهي آهي ته دهشتگردي ٻيهر ڇو ڪَر کڻي رهي آهي؟ هن چيو ته سڄي پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، وقت جي ضرورت آهي ته سياسي، مذهبي اڳواڻ ۽ قومي ادارا دهشتگردي خلاف متحد ٿين، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سان سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙن آپريشنز ۾ عظيم قربانيون ڏنيون ويون. پاڪستاني فوج دليري ۽ بهادري سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون. قوم انهن جي قربانين کي سنهري لفظن ۾ ياد رکندي. هن چيو ته هر ڪنهن کي پنهنجي ذميواري بابت ڳالهه ڪرڻي پوندي. اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گذريل 13 سالن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ 417 ارب رپيا ڏنا ويا، اهي ڪٿي خرچ ڪيا ويا، ان جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته صوبن کي وسيلا مهيا ڪري، ملڪ هن وقت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي، تنهن هوندي به وفاق چئني صوبن ۾ سي ٽي ڊي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندو. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي اتحاد ضروري آهي. وقت جي گهرج آهي ته سڀئي مذهبي ۽ سياسي پارٽيون متحد ٿين. وزيراعظم چيو ته هن 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) گهرائي آهي ته جيئن موجوده قومي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. ان موقعي تي اجلاس ۾ پشاور جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي

Author: editor

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *