پيغام مليو ته ملڪ کي سنڀاليو، رابطو ڪندڙ جو نالو نٿو ٻڌائي سگھان: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ مون ڏانهن نياپو اُماڻيو ويو ته ملڪ جو سوچيو، في الحال اهو نٿو ٻڌائي سگهان ته ڪنهن جي طرفان نياپو آيو هو، عمران خان آصف زرداري سان رابطن جي ترديد ڪندي آصف زرداري ۽ ملڪ رياض وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آھي،  پي ٽي آءِ سربراهه چيو آهي ته 26 سالن کان چوان پيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ آهن، اسيمبلي ۾ اسپيڪر اڳيان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو، تصديق لاءِ وڃڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، لانگ مارچ ختم نه ڪريان ها ته رتوڇاڻ ٿئي ها، ھن چيو تھ  مارچ ختم ڪرڻ پويان ڪابه ڊيل نه هئي، حڪومت ۾ هئاسين ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو دٻاءُ هو، امريڪا جي اثر هيٺ مخصوص لابي اسلامي ملڪن کان اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ گهري ٿي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *