عمران جو لانگ مارچ سياسي سرگرمي نه پر رياست مخالف سازش هئي: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينه خيبرپختونخواه جي وڏي وزير جي ان بيان ۾ “هن ڀيري اسان پوري طاقت سان رياست ۽ وفاقي گادي واري هنڌ تي حملو ڪنداسين” جو نوٽيس وٺندي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي اڱاري تي وفاقي ڪابينه جو اجلاس وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي ڪابينه عوام کي عمران خان جي 25 مئي جي لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي مبارڪ ڏني ڪابينه چيو ته ميڊيا ۽ سڌسماءَ واري وزارت جي عوام لاءِ هٿياربند جٿن ۽ سندن اصل شڪلين جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي وزيراعظم ڪابينه کي ٻڌايو ته هن گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن به اهلڪار وٽ اصلحو نه هجڻ گهرجي رانا ثناءُالله اجلاس کي ٻڌايو ته ڪنهن به اهلڪار وٽ اصلحو نه هو وفاقي ڪابينه قانون لاڳو ڪندڙ سمورن اهلڪارن کي پنهنجا فرض بهتر نموني نڀائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعطم وفاقي گهرو زوير رانا ثناءُالله، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري صلاحڪار قمرزمان ڪائره سميت 5 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي گهرو وزير اجلاس کي ٻڌايو ته رياست مخالف ڪو لانگ مارچ ٿيو ته سختي سان منهن ڏنو ويندو مولانا اسعد محمود لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي قوم کي مبارڪ ڏني ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪيو آهي وفاقي ڪابينه پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان پاران 25 مئي جي خوني مارچ جي اعلان ۽ پي ٽي آئي جي ڪارڪنن پاران هٿيارن سان اسلام آباد تي حملي جو سخت نوٽيس ورتو ۽ ڳڻتي ظاهر ڪئي رانا ثناءُالله لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي عوام ۽ لانگ مارچ دوران خدمتون نڀائڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو شڪريو ادا ڪيو رانا ثناءُالله ڪابينه کي ٻڌايو ته 25 مئي تي پي ٽي آئي پاران لانگ مارچ ڪائي سياسي سرگرمي نه هئي پر رياست مخالف سوچيل سمجهيل سازش هئي خيبرپختونخواه حڪومت جا وسيلا ڪتب آڻيندي پي ٽي آئي هڪ ڏينهن پهريان ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جٿن کي گڏ ڪيو گلگت بلتستان جي وڏي وزير به پوليس تي حملو ڪيو رانا ثناءُالله چيو ته هي ڪائي سياسي سرگرمي نه پر رياست تي حملي جي ڪوشش هئي.  وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان 200 سيڪڙو گوليون هلائڻ جي ارادي سان آيو هو عمران خان جي بيان کان پوءِ ڪنهن ثبوت جي ضرورت نه آهي ڪرمنل ايڪٽ تحت وڏي وزير، تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي ميمبرن ۽ عمران خان سميت جيڪي به ماڻهو ملوث آهن مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي اسان وٽ ثبوت آهن ته هي سياسي مارچ نه آهي، وڳوڙ ۽ فساد ڪرائڻ وارو پروگرام هو، ڪرمنل گينگ جي مک سميت جيڪي به ملوث آهن کين گرفتار ٿيڻ گهرجي عمران خان ۽ محمود خان جي ڌمڪين وارن بيانن تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي پنهنجي راءِ کان ڪابينه کي آگاهه ڪندي مون کي اميد آهي ته ڪيس داخل ٿيندو هن فسادي ٽولي ۽ فتني کي سزا ملندي. وزيراعظم جي صلاحڪار قمرزمان ڪائره ۽ وفاقي وزير اسعد محمود سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خان جي مجرماڻي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي ۽ ان ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورا سرڪاري وسيلا ڪتب آندا ويا پوليس فورس جي هٿياربند جوانن کي غيرآئيني ۽ غيرقانوني حڪم تحت ڪرمنل گينگ جي لشڪر ۾ شامل ڪيو ويو ٻين کاتن جا وسيلا ڪتب آندا ويا ۽ ان مجرماڻي سياسي ايجنڊي کي جيڪو قوم کي ورهائڻ تي ٻڌل آهي، نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ تي ٻڌل آهي ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اهي وفاق تي حملا آور ٿيا. اسلام آباد طرف ايندڙ چند هزار هٿياربند ماڻهن کي جڏهن اٽڪ ضلعي ۽ ميانوالي ضلعي جي حدن ۾ روڪيو ويو ته انهن پوليس تي گوليون هلايون ۽ کين يرغمال بڻائي ورتو انهن رڪاوٽن کي به ٽوڙيو جيڪي پوليس کين روڪڻ لاءِ لڳايون هيون پوءِ انهن سپريم ڪورٽ ۾ دوکي سان ۽ غلط بياني کان ڪم وٺندي هڪ آرڊر جاري ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو ته انهن کي اچڻ ڏنو وڃي. رستا کوليا وڃن ۽ کين ايڇ نائن هنڌ تي جلسو ڪرڻ جي سهولت ڏني وڃي. ان تي عمل به ٿيو هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي بئنچ ٽن ڪلاڪن جو وقت ڏنو هو اسان طئي ٿيل وقت مطابق انتظام ڪيا پر ان جو مقصد جلسو ڪرڻ ته هو ئي انهن جو مقصد اسلام آباد ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏڦيڙ ڦهلائڻ هو انهن جو مقصد اسلام آباد کي سيز ڪرڻ هو انهن جو مقصد حڪومت کي ڊس فنڪشنل ڪرڻ هو گهرو وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڪري کين اجازت ڏني وئي ته انهن هڪ پل لاءِ اهو نه چيو ته اسان جلسو ڪنداسين پر انهن چيو ته اسان ڊي چوڪ وڃي رهيا آهيون انهن جي اچڻ کان پهريان ڊي چوڪ ۾ 3 کان 4 هزار ماڻهو گڏ ٿي چڪا هئا انهن سڀني جو هڪ ئي صوبي سان تعلق هو ۽ اهي ماڻهو ان گينگ سان گڏ نه اچي رهيا هئا پر هڪ ڏينهن پهريان کان اچي چڪا آهن اسان اهي سموريون عمارتون ۽ هوٽل مارڪ ڪري ڇڏيا آهن اسانهڪ هڪ متعلق رپورٽ ڪري رهيا آهيون هي ماڻهو ڪٿان آيا هئا ڪٿي ڪٿي ترسيا آهن پارليامينٽ لاجز ۾ ماڻهو ترسايا ويا ڪي پي ڪي هائوس ۾ ماڻهو رهايا ويا مطلب ته هڪ سرڪاري وسيلن کي پنهنجي سياسي مجرماڻي ايجندي لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ ان کان بري صورت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي هن چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ هر صوبي جا ماڻهو رهن ٿا انهن جون فئمليز انهن سان گڏ آهن رانا ثناءُالله چيو ته انهيءَ وقت اسان ڊي چوڪ وينداسين. اسان ايڇ نائين يا ڪنهن ٻئي هنڌ تي نه وينداسين سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي به ڀڃڪڙي ڪئي. توهين عدالت ڪئي. اسان جي توهين عدالت جي درخواست کي سپريم ڪورٽ جي بئنچ ان ڪابل نه سمجهيو ته ان جي ٻڌڻي ڪئي گهرو وزير چيو ته مان سمجهان ٿو ته عمران خان جي ان بيان کان پوءِ اسان سان گڏ هٿياربند هئا ان کان پوءِ اسان جي ڪنهن رپورٽ يا ثبوت جي ضرورت ئي نه آهي جيڪڏهن انهن سان گڏ هٿياربند ماڻهو هئا. ڪنٽينر تي بيهي 3 ڀيرا عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اچو سڀ ٻاهر نڪرو ان کان پوءِ ان کي گهرجي ها ته هو سپريم ڪورٽ طرفان رکيل هنڌ تي وڃي ها عمران خان چوي ٿو ته مان ڊي چوڪ پهچي رهيو آهيان منهنجو انتظار ٿي رهيو آهي جيتُوڻيڪ ڊي چوڪ ۾ هڪ به مڻهو نه هو گهرو وزر چيو ته اهي ئي ماڻهو پهتا جيڪي پهريان کان گينگ طور مختلف هنڌن تي رهيل هئا اسلام آباد مان ڪنهن هن فسادي مارچ ۾ شرڪت نه ڪئي راولپنڊي مان ڪوئي هتي نه آيو هن چيو ته ڪابينه اسلام آباد ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو آهي ڇو ته عمران فسادي ٽولي جو حصو نه بڻجي حڪومت جي مدد ڪئي ۽ اهڙي طرح پنجاب ۽ باقي ملڪ مان فسادي ايجنڊا جو ڪوئي حصو نه بڻيو هن چيو ته اهو چوڻ ته اسان کي بعد ۾ خيال اچي ويو ته 100 سيڪڙو هلندي مان به ان ڳالهه کي تسليم ڪريان ٿو عمران خان صاحب اوهان 100 سيڪڙو نه 200 سيڪڙو گولي هلائڻ جي ارادي سان آيا هئا انهيءَ ڪري ماڻهن کي وٺي آيا هئا اوهان کي جناح اوينيو ۾ اچي خبر پئي ته اوهان سان گڏ ماڻهو هٿياربند هئا اوهان صوابي کان هليا ته اسان وٽ وڊيو موجود آهي اوهان جي اڳيان ماڻهو هٿيار کڻي بيٺا آهن ان وقت اوهان کي هٿيار نظر نه آيا هن چيو ته پوليس طرفان رٻڙ بلٽ ۽ ڳوڙها آنيندڙ گئس جي زريعي فسادي ٽولي کي ناڪام ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان هڪ فائر به نه ٿيو هن چيو ته منهنجي راءِ ته هي هڪ ڪرمنل ايڪٽ آهي هي ڪوئي سياسي بيانيو ڪائي سياست، ڪوئي جمهوري مارچ نه هو سمورا ثبوت اسان وٽ موجود آهن اسان ثابت ڪنداسين ته هي هڪ مجرماڻو فعل هو هي هڪ فساد ڪرائڻ وارو مارچ هو هي ناسور آهي قوم کي ان جي سڃاڻپ ڪرڻ گهرجي هي هڪ ڪرمنل ايڪٽ آهي جيڪو پاڪستان بينل ڪوٽ تحت سزا جوڳو آهي مان ڪابينه آڏو اپيل رکي آهي ان جو ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان ڪرمنل ايڪٽ تحت وڏي وزير، تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي ميمبر ۽عمران خان سميت جيڪي به ماڻهو ملوث آهن مٿن ڪيس داخل ڪيو وڇي هن چيو ته جنهن قسم جي هي پنهنجين گڏجانين ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا رهيا جنهن قسم جا ميسج ڪندا رهيا ٽيليفون ذريعي هدايتون ڏيندا رهيا آهن اهي سڀ ثبوت اسان وٽ آهن سندن ميٽنگز ۾ چيو ويو ته جڏهن ماڻهو ريڊ زون ۾ گهڙندا ته اسٽيٽ بلڊنگ يا اسٽيٽ ڪمپرومائيز ٿي ويندي ۽ انهن جو خيال اسان کي اتان لاش ملندا هي ڪرمنل ايڪٽ آهي هي ڏوهه ٿيو آهي ڪيس جي تجويز ڪابينه جي سامهون رکي آهي هن ڪرمنل گينگ جي مک سميت جيڪي به ملوث آهن کين گرفتار ٿيڻ گهرجي هن چيو ته ڪابينه هڪ سب ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا انهن سمورين شين کي ڏسندي جنهن کان پوءِ اها ڪابينه کي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندي مون کي اميد آهي ته ڪيس داخل ٿيندو هن چيو ته ان جي ئي پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ميٽنگز ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ان جي پنهنجي وڊيوز ۽ آڊيوز مان ثابت ڪندسين هن چيو ته فسادي ٽولي کي جيڪو فتنو ۽ فساد ڦهلائڻ چاهي ٿو ان کي سزا ملندي ان موقعي تي مولانا اسعد محمود چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته رياست جي رٽ کي هر صورت قائم رکون پرامن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر انتشار جي ڪنهن کي اجازت نه آهي هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن فلور آف دي هائوس تي استيعفائون ڏنيون پر ان جي پارٽي ۾ غور ٿي رهيو آهي ته ايوان ۾ واپس اچجي اسان چاهيون ٿا ته عمران خان هوش ڪري هن چيو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت جي ذريعي اسلام آباد کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون ته ڏکيائيون وڌنديون جيڪو ڪجهه انهن ڪيو آهي اهو بغاوت جي ذمري ۾ اچي ٿو پ پ اڳواڻ قمرزمان ڪائره چيو ته عمران خان پنهنجو بيانيو وقت مطابق رکيو ۽ وقت سان گڏوگڏ ان جي بيانين جو مدو عورڙو ٿيندو ويو پهريان هڪ سازش آمريڪا ڪئي هاڻي خطري جي سازش ٿي رهي آهي هن هاءِ ڪورٽ جو انڪار ڪيو جڏهن پهريان هو هاءِ ڪورٽ ۾ ويا هئا هن چيو ته هي سپريم ڪورٽ ويا ۽ سپريم ڪورٽ انتظاميه يا حڪومت کي چيو ته اوهان رستا کوليو انهيءَ وقت عمران خان چيو ته مان ڪنهن کي نعو مڃان ڊي چوڪ ويندس ۽ چيو ويو ته امن امان جي صورتحال خراب ٿي ته ذميوار حڪومت هوندي اسان چيو ته عمران خان اسان توتي جمهوري حملو ڪنداسين ۽ جمهوري نموني پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪيو قمرزمان ڪائره چيو ته نيب قانون ۾ ترميم ڪنهن غير لاءِ نهج ڪئي پر ترميم عدالتن جي فيصلن جي بنياد تي ڪئي وئي جڏهن هڪ ڪلاڪ ۾ 31 قانون منظور ٿيا اسان ان وقت چيو ته هي غلط آهي ۽ پارليامينٽ کي بلڊوز ڪيو پيو وڃي اسان چاهيون ٿا ته اورسيز پاڪستانين کي پارليامينٽ ۾ نمائندگي ملي هن چيو ته عمران خان جي ترت اليڪشن واري ڳالهه مڃي به وٺون ته ڇا اي وي ايم جي تياري آهي ۽ جيڪڏهن اورسيز جي ووٽ کي به تسليم ڪريون ته ان جا به ٽولز نه آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *