ٽي ٽوئنٽي سيريز  ۾ پاڪستان 0-2  تان ڪاميابي حاصل ڪئي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ٻن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز  ۾ پاڪستان 0-2  تان ڪاميابي حاصل ڪئي. سيريز ۾ بيٽنگ ۾ ٻنهي ٽيمن طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون پاڪستان جي بيٽسمين مختار احمد ٺاهيون. هن ٻن ميچن جي ٻن اننگن ۾ 72.50  جي شرح سان 145  رنسون ٺاهيون جنهن ۾ سندس هڪ اننگ ۾ وڌ کان وڌ اسڪور 83 هو. هن مجموعي طور تي 18 چوڪا ۽ 4 ڇڪا لڳايا. ٻي نمبر تي زمبابوي جو مسڪدزار آهي جنهن ٻن ميچن ۾ 41 جي شرح سان 82  رنسون ٺاهيون ٽين نمبر تي زمبابوي جو ڪپتان چڪمبرا رهيو جنهن ٻن ميچن ۾ 75  رنسون ٺاهيون سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون محمد سميع حاصل ڪيون. هن ٻن ميچن جي ٻن اننگز ۾ 14 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. وليمز  3 وڪيٽون کڻي ٻين ۽ شعيب ملڪ ٻه وڪيٽون وٺي ٽين نمبر تي رهيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *