وقتي آءِ جي کان چارج واپس وٺڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو نامناسب هو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جديد ترين ريسڪيو 1122 سروس جو افتتاح ڪندي اعلان ڪيو ته فائر برگيڊ سروس ٽراما سينٽرز سان ڳنڍي سڄي سنڌ ۾ ريسڪيو، رليف ۽ بحالي سروسز جو مڪمل پيڪيج شروع ڪيو ويندو. افتتاحي تقريب ڪي ايم سي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ٿي جنهن ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سعيد غني، باري پتافي، شهلا رضا، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، پروگرام جو ميزبان حاجي رسول بخش، خاص مددگار وقار مهدي، قاسم سراج سومرو ۽ ورلڊ بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه، آصف ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان هڪ نئين ايمبولينس سروس شروع ڪئي آهي جيڪا سنڌ ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ ريسڪيو 1122 سروس قائم ڪرڻ ڏانهن پهريون قدم آهي. هن چيو ته سنڌ صوبو موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن ۽ ٻين سيڪيورٽي خطرن جي حوالي سان پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبن مان هڪ آهي ۽ ڪجهه سالن کان قدرتي آفتن جهڙوڪ هرڀيري هيٽ ويوز، ٻوڏ، ڏڪار جهڙن حادثن، باهه لڳڻ، ڌماڪن ۽ وچڙندڙ بيمارين جهڙن آفتن سبب ڪيترائي ماڻهو هلاڪ ٿيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته آبادي ۾ مسلسل واڌ ۽ هر ڀيري ايندڙ قدرتي آفتن سبب اهڙي سروس جي ضرورت گذريل هڪ ڏهاڪي کان خاص ڪري صوبي ۾ COVID-19 وبائي مرض دوران هئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت جو فرض آهي ته هو عوام جي صحت جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي ته جيئن مختلف ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگهجي.  هن چيو ته منهنجي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته عوام کي ايمرجنسي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جون خدمت مهيا ڪجي جڏهن به آفت اچي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ اهڙي خدمت جيڪا موثر ۽ تيز رليف فراهم ڪري، هڪ اهڙي خدمت جيڪا آفت کان اڳ حادثن کي منهن ڏئي نتيجن کي گھٽائي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته اميد آهي ته سنڌ حڪومت ريسڪيو 1122 منصوبي تحت جامع ريسڪيو سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اسان جو نئون قدم آهي. سنڌ جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته پهرين مرحلي ۾ شهر اندر 230 مان 50 ايمبولينسون شروع ڪيون پيون وڃن انکانپوءِ کين سروس کي صوبي جي ٻين ڊويزنن ۽ ضلعن تائين وڌايو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته منصوبي جي ايندڙ مرحلي ۾ ريسڪيو 1122 سروسز جي موثر ۽ مربوط استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سينٽرلائزڊ ڪمانڊ سينٽر کان علاوه ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز تي به ڪم شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن کي ڪجهه مهينن ۾ فعال ڪري سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت اهڙي قسم جي سروس صوبي جي ٻين ضلعن ۾ به شروع ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايمرجنسي جي بنيادي ضرورتن کي سمجهڻو آهي ۽ اهو پڻ ته صوبي جو عوام ڪيئن موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کان متاثر ٿين ٿا، اسان سڄي ملڪ ۾ ايمرجنسي رليف سروسز فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ميگا پروجيڪٽ جي تياري ڪري رهيا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ريسڪيو اسٽيشنن جو تعداد وڌائڻ جي تجويز تي عالمي بئنڪ سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته ريسڪيو سروس 1122 کي مڪمل بچاءُ ۽ بحالي لاءِ فائر برگيڊ ۽ ٽراما سينٽرز جي خدمتن سان ڳنڍيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اهو ماڊل سڄي سنڌ ۾ قائم ڪيو ويندو. وڏي وزير رليف ۽ بحالي بابت سندس صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو ۽ سندس ٽيم کي اسڪيم تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن سنڌ رزيلينس پروجيڪٽ، پي ڊي ايم اي، بحالي واري کاتي جي مالي مدد ڪرڻ تي ورلڊ بئنڪ جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن جو مقصد صوبي ۾ ايمرجنسي رسپانس ۽ ”ريسڪيو سروس 1122“ قائم ڪرڻ آهي جيڪا پروفيشنل ۽ وقت سِر قدرتي ۽ طبي امداد فراهم ڪري ٿي. مراد علي شاهه پنجاب ريسڪيو سروس جي ٽيڪنيڪل مدد سان 1122 ريسڪيو سروس شروع ڪرڻ ۾ سهڪار تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، وڏي وزير جي بحالي بابت صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو، وڏي وزير جي قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسين ۽ آصف ميمڻ پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسين وڏي وزير کي ايمبولينس جون چاٻيون ڏنيون. بحالي واري کاتي ۽ صحت کاتي جي وچ ۾ ريسڪيو 1122 منصوبو شروع ڪرڻ لاءِ ايم او يو تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.  هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آءِ جي پوليس جي مقرري/بدلي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ مفاهمت ذريعي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته آءِ جي پوليس جي بدلي کانپوءِ اسان سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ اعليٰ ترين پوليس آفيسر کي آءِ جي پوليس جي چارج ڏني آهي ۽ وڌيڪ چيو ته پوليس دعا زهرا جي بازيابي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. مراد علي شاهه چيو ته نياڻي پنجاب ۾ شادي ڪئي جتي پوليس کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ هوءَ خيبرپختونخواه هلي وئي. هن چيو ته آئون ڪي پي ڪي حڪومت سان رابطي ۾ آهيان ۽ سندن پوليس کيس بازياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جمعي تائين جو وقت ڏنو آهي، انشاءَ الله ان وقت تائين نياڻي بازياب ٿي ويندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ايپڪس ڪميٽي صحيح ڪم ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *