
نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ماءُ بنجڻ کان پوءِ ڀارتي ٽينس رانديگرياڻي ثانيه مرزا راندين جي ميدان ۾ بهترين پرفارمنس ڏيندي ڊبليو ٽي اي هوبارٽ انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ جي دوران پنهنجو ميچ کٽي ورتو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ ان جي يوڪرائن جي جوڙيدار ناديه ڪيچنوڪ پنهنجي پيش قدمي کي برقرار رکندي ڊبليو ٽي اي هوبارٽ انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ وومين ڊبلز سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ثانيه مرزا ۽ ناديه ڪيچنوڪ وومين ڊبلز ڪوارٽر فائنل ۾ ڪرسٽينا مڪ هالي ۽ ان جي هم وطن جوڙيدار وانيا ڪنگ تي ٻڌل آمريڪي جوڙيدار کي شڪست ڏني. فاتح ٽيم جو اسڪور 6-2، 4-6، ۽ 4-10رهيو.ٻئي طرف بيلجيم جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ايليسي مارٽنز جو سفر ڊبليو ٽي اي هوبارٽ انٽرنيشنل ٽينس وومين سنگلز ڪوارٽر فائنل ۾ ختم ٿي ويو. ڊبليو ٽي اي هوبارٽ انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ ۾ کيڏيل وومين سنگلز ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ انگلينڊ جي هيتهر واٽسن سخت مقابلي کان پوءِ مخالف بيلجيم جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ايليسي مارٽنز کي پهرين سيٽ ۾ 7-6(7-5) تان شڪست جي باوجود ايندڙ ڏينهن اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-4 ۽ 5-7 تان اپ سيٽ شڪست ڏني.