محمد عامر ٽي ٽوئنٽي ٽيم کان ٻاهر هجڻ جو سبب ٽيسٽ رٽائرمينٽ کي قرار ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)  فاسٽ بالر محمد عامر ٽي ٽوئنٽي ٽيم کان ٻاهر هجڻ جو سبب پنهنجي ٽيسٽ رٽائرمينٽ کي قرار ڏئي ڇڏيو.محمد عامر کي بنگلاديش کان هوم سيريز جي لاءِ چونڊ ناهي ڪيو ويو. جنهن تي هڪ اينڪر جي ٽوئٽ جي جواب ۾ ليفٽ آرم پيسر لکيو هو ته ان جو سبب ٽيسٽ ڪرڪيٽ.27 ساله محمد عامر جلد ئي ان ٽوئيٽ کي ڊيليٽ ڪندي لکيو هو ته ڪنهن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي مان وڌيڪ مضبوط بڻجي واپس ايندس.کيس پهرين ٽوئٽ جي ڪري سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. ياد رهي ته محمد عامر جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ جواني ۾ ئي رٽائرمينٽ وٺڻ جي فيصلي تي ڪافي اعتراض  ڪيو ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *