بي جي پي حڪومت جي بيانن ۽ جارحاڻي قدمن سبب علائقائي امن ۽ مضبوطي کي خطرو آهي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي آفيس مان جاري ٿيل بيان موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، وزير اعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن والاريل ڪشمير ۾ 165 ڏينهن کان جاري ڀارت جي غير انساني لاڪ ڊائون ۽ 9 لک قابض ڀارتي فوجن جي هٿان ڪشميرين جي حقن جي پامالين جي مذمت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڀارتيه جنتا پارٽي حڪومت جي بيانن ۽ جارحاڻي قدمن جي ڪري علائقائي امن ۽ مضبوطي کي خطرو آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙڻ چيو ته آر ايس ايس مان متاثر بي جي پي حڪومت جي مسلمان ۽ ڪشمير مخالف هندوتوا جي سوچ خطي جي امن ۽ مضبوطي جي لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪرڻ جي ذميوار آهي. شرڪت ڪندڙن گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ 15 جنوري تي ڪشمير مسئلي غور کي ڀيلڪار ڪيو ۽ چيو ته سلامتي ڪونسل ۾ ڪشمير مسئلي تي غور صورتحال جي سنگيني جو عالمي سطح اعتراف آهي. اجلاس ۾ 5 فيبروري تي ڪشمير سان ٻڌي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. وزير اعظم ڪشميرين جي انهن جي حق خوداراديت ملڻ تائين غير اڻ ٽٽ سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ واري عزم جو اظهار ڪيو. بئي طرف  وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ سوا لک کان وڌيڪ سرڪاري جاين تي بنا دير ڀرتين جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پ ايم ڊليوري يونٽ وزارتن ۽ کاتن جي حوالي سان رپورٽ تيار ڪري تفصيل وزيراعظم کي پيش ڪيا، جنهن موجب وزارتن ۽ کاتن جي غفلت سبب سوا لک کان وڌيڪ سرڪاري نوڪريون ڀرتي جون منتظر آهن. 35 وزارتن ۾ هڪ لک 29 هزار جايون خالي آهن، جن مان 4 هزار جايون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرڻيون آهن. رپورٽ موجب گريڊ 21 ۽ گريڊ 22 جون 96 جايون خالي آهن، جڏهن ته گريڊ 8 کان 15 تائين 41 هزار، گريڊ هڪ کان 7 تائين 51 هزار، گريڊ 16 کان 22 تائين 13 هزار 421 پوسٽن تي ڪو آفيسر مقرر ناهي. رپورٽ جي روشني ۾ وزيراعظم عمران خان خالي جايون فوري طور ڀرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. واضح رهي ته وفاقي حڪومت انهن جاين جا تفصيل ۽ انهن کي ڀرڻ لاءِ وزارتن کي ريڊ ليٽر به جاري ڪيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *