ڊبليو ٽي اي هوبارٽ ٽينس: ثانيه مرزا جي سوڀ جو سلسلو جاري

 

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز)  ماءُ بنجڻ کان پوءِ ڀارتي ٽينس رانديگرياڻي ثانيه مرزا راندين جي ميدان ۾ بهترين پرفارمنس ڏيندي ڊبليو ٽي اي هوبارٽ انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ جي دوران پنهنجو ميچ کٽي ورتو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب  ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ ان جي يوڪرائن جي جوڙيدار ناديه ڪيچنوڪ پنهنجي پيش قدمي کي برقرار رکندي ڊبليو ٽي اي هوبارٽ انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ وومين ڊبلز سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.  ثانيه مرزا ۽ ناديه ڪيچنوڪ وومين ڊبلز ڪوارٽر فائنل ۾ ڪرسٽينا مڪ هالي ۽ ان جي هم وطن جوڙيدار وانيا ڪنگ تي ٻڌل آمريڪي جوڙيدار کي شڪست ڏني. فاتح ٽيم جو اسڪور 6-2، 4-6، ۽ 4-10رهيو.ٻئي طرف بيلجيم جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ايليسي مارٽنز جو سفر ڊبليو ٽي اي هوبارٽ انٽرنيشنل ٽينس وومين سنگلز ڪوارٽر فائنل ۾ ختم ٿي ويو. ڊبليو ٽي اي هوبارٽ انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ ۾ کيڏيل وومين سنگلز ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ انگلينڊ جي هيتهر واٽسن سخت مقابلي کان پوءِ  مخالف بيلجيم جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ايليسي مارٽنز کي پهرين سيٽ ۾ 7-6(7-5) تان شڪست جي باوجود ايندڙ ڏينهن اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-4 ۽ 5-7 تان اپ سيٽ شڪست ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *