
لاهور (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ ڪپتان مصباح الحق دبئي پهچي ويو،جڏهن ته اوپنر محمد حفيظ ۽ احمد شهزاد پيٽرنز اليون ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم قومي اسڪواڊ ۾ حصو بڻجندا. ذريعن مطابق پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي شروعات 13 آڪٽوبر کان ٿيندي،جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪپتان مصباح الحق پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن سوڌو لاهور جي علاما اقبال انٽرنيشنل ائيرپورٽ کان دبئي لاءِ نڪري چڪو آهي.