ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ئي عدالت کي بليڪ ميل ڪرڻ لڳو

ممبئي: لوڌا ڪميشن پاران کاتا ضبط ڪرڻ واري واويلا ڪندڙ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ئي عدالت کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. صدر ۽ حڪمران پارٽي ڀارتيا جنتا پارٽي جي پارليامينٽ جي ميمبر انواراگ ٺاڪر جو چوڻ آهي ته کاتا ضبط ڪرڻ سان اداري جي ساک تباهه ٿي ،نيوزيلينڊ سان هوم سيريز به غير يقيني جو شڪار آهي،بنا پئسن جي اسان ميچن جي ميزباني ڪئين ڪري سگهنداسين. ذريعن مطابق ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جسٽس لوڌا جي اڳواڻي ۾ جڙيل پينل جي سفارشن لاڳو ٿيڻ ۾ ڪن لاٽار کان ڪم وٺي رهيو آهي.سپريم ڪورٽ شروعات ۾  انهن  کي 30 آڪٽوبر تائ.ين سفارشن جي پهرين مرحلي لاڳو ڪرڻ جو وقت ڏنو هو،اهو وقت گذاري ڇڏڻ کانپوءِ بي سي سي آئي عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي،30 سيپٽمبر  تي ورڪنگ ڪميٽي اجلاس ۾ سڀني ميمبرن کي 2 رقمن ڏيڻ جو فيصلو ڏيڻ کان ترت پوءِ ختم ڪيو ويو، پر لوڌا ڪميشن معامعلي کي سمجهندي لاڳاپيل بينڪن کي خط لکي انهن کي ٻنهي رقمن روڪڻ جو چئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *