مان پاڪستاني اداڪارن جي ڪم جو قدر ڪريان ٿي: هيما مالني

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ۽ سياست دان هيما مالني چيو آهي ته اها فنڪارن جي عزت ڪري ٿي،صحافين سان  ڳالهائيندي هيمامالني چيو ته بحيثيت فنڪار مان پاڪستاني فنڪارن جي ڪم جو قدر ڪريان ٿي، پر مان ان بابت ڪجهه نه ٿي چوڻ چاهيان ته انهن کي ڀارت ۾ رهڻ گهرجي يا ملڪ ڇڏڻ گهرجي هن  وڌيڪ چيو ته فنڪار صرف فنڪار هوندو آهي ڀلي سندس تعلق پاڪستان سان هجي يا ڀارت سان، پر اها بدضمني آهي ته اهي پاڪستان کان آهن، مان اهو ضرور چوندس ته اهي گهڻا سٺا فنڪار آهن ۽ انهن ڀارت ۾ گهڻو سٺو ڪم ڪيو آهي.هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مان ان تڪرار ۾ ملوث ٿيڻ نه ٿي چاهيان، اڙي حملي کانپوءِ جتي رنديپ هودا، سونالي ماندري ايم اين ايس جي پاڪستاني فنڪارن تي پابندي جي مطالبي جي حمايت ڪئي آهي، هتي سلمان خان، ڪرن جوهر، انوراگ ڪيشپ، همسل مهتا ۽ ناليش لوڪونور ان پابندي جي خلاف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *