ٽيسٽ ڪرڪيٽ سيريز، ڪپتان مصباح الحق سوڌو ڪيترائي رانديگر دبئي پهچي ويا

لاهور (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ ڪپتان مصباح الحق دبئي پهچي ويو،جڏهن ته اوپنر محمد حفيظ ۽ احمد شهزاد پيٽرنز اليون ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم قومي اسڪواڊ ۾ حصو بڻجندا. ذريعن مطابق پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن  جي شروعات 13 آڪٽوبر کان ٿيندي،جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪپتان مصباح الحق پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن سوڌو لاهور جي علاما اقبال انٽرنيشنل ائيرپورٽ کان دبئي لاءِ نڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *