حيدرآباد (بيورو) متحده سربراه الطاف حسين جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته بلديه فيڪٽري سانحي ۾ ملوث عنصرن کي الله تعاليٰ هن دنيا ۽ آخرت ۾ سخت سزا ڏيندو. جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم کي قصور وار قرار ڏيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته بلديه فيڪٽري سانحي جي جاچ غير ملڪي ٽيمن کان ڪرائي وڃي ۽ پوءِ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو ڪو ڪارڪن ان ۾ ملوث نظر اچي ته ان کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل رات حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي خوشي ۾ باغ مصطفيٰ ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن بلديه فيڪٽري سانحي ۾ ملوث هوندو ته اهو ان جو انفرادي عمل هوندو ۽ هڪ شخص جي انفرادي عمل جي گناهه کي پوري پارٽي مٿان نه وڌو وڃي ۽ ڪنهن به پارٽي تي بنا ڪنهن ثبوت جي الزام لڳائڻ غير آئيني غير اسلامي آهي. الطاف حسين چيو ته جيڪڏهن ان سانحي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪو ڪارڪن ملوث هجي ته ان کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي. جي آءِ ٽي جي رپورٽ جعلي پيرن ۽ فقيرن جيان آهي. ايم ڪيو ايم سربراهه جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي واتان ڪڏهن به القائده ۽ داعش جو نالو ڇو ناهي نڪتو. هن چيو ته پاڪ فوج اتر وزيرستان سميت پاڪستان جي ڪيترن ئي حصن ۾ پنهنجين قيمتي جانين جا نذرانا ڏئي دهشتگردي خلاف وڙهي رهي جنهن تي پوري قوم ۽ هو زبردست خراج پيش ڪري ٿو. حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي قيام جي حوالي سان هن چيو ته حيدرآباد جي عوام جي 55 سالن واري خواهش هاڻي پوري ٿي آهي. هن شاگردن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته اهي امتحانن ۾ نقل ڪرڻ بدران فيل ٿيڻ کي ترجيح ڏين ۽ پنهنجي استادن ۽ والدين جي عزت ڪندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن. ا