الطاف حسين جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، اسڪاٽ ليڊيارڊ يا گڏيل قومن کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو

حيدرآباد (بيورو) متحده سربراه الطاف حسين جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته بلديه فيڪٽري  سانحي ۾ ملوث عنصرن کي الله تعاليٰ هن دنيا ۽ آخرت ۾ سخت سزا ڏيندو. جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم کي قصور وار قرار ڏيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته بلديه فيڪٽري سانحي جي جاچ غير ملڪي ٽيمن کان ڪرائي وڃي ۽ پوءِ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو ڪو ڪارڪن ان ۾ ملوث نظر اچي ته ان کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل رات حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي خوشي ۾ باغ مصطفيٰ ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن بلديه فيڪٽري سانحي ۾ ملوث هوندو ته اهو ان جو انفرادي عمل هوندو ۽ هڪ شخص جي انفرادي عمل جي گناهه کي پوري پارٽي مٿان نه وڌو وڃي ۽ ڪنهن به پارٽي تي بنا ڪنهن ثبوت جي الزام لڳائڻ غير آئيني غير اسلامي آهي. الطاف حسين چيو ته جيڪڏهن ان سانحي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪو ڪارڪن ملوث هجي ته ان کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي. جي آءِ ٽي جي رپورٽ جعلي پيرن ۽ فقيرن جيان آهي. ايم ڪيو ايم سربراهه جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي واتان ڪڏهن به القائده ۽ داعش جو نالو ڇو ناهي نڪتو. هن چيو ته پاڪ فوج اتر وزيرستان سميت پاڪستان جي ڪيترن ئي حصن ۾ پنهنجين قيمتي جانين جا نذرانا ڏئي دهشتگردي خلاف وڙهي رهي جنهن تي پوري قوم ۽ هو زبردست خراج پيش ڪري ٿو. حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي قيام جي حوالي سان هن چيو ته حيدرآباد جي عوام جي 55 سالن واري خواهش هاڻي پوري ٿي آهي. هن شاگردن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته اهي امتحانن ۾ نقل ڪرڻ بدران فيل ٿيڻ کي ترجيح ڏين ۽ پنهنجي استادن ۽ والدين جي عزت ڪندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن. ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *