سمورن ڪيسن جي پويان افتخار چوڌري جو هٿ آهي: پرويز مشرف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه پرويز مشرف چيو آهي ته مهنجي خلاف داخل ٿيل سمورن ڪيسن جي پويان اڳوڻي چيف جسٽس افختار  چوڌري جو هٿ آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث ناهيان ۽ ان ڳالهه جي آصف زرداري کي به خبر آهي ڪشميري مجاهد ڀارت جي خلاف وڙهي رهيا آهن ۽ انهن جي مدد ڪرڻ واري پاليسي جو حامي آهيان نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن  وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هن وقت اختلافن جو شڪار آهي ۽ بينظير جو قتل منهنجي مٿان زوري مڙهيو پيو وڃي. پرويز مشرف چيوته 1979 کان پوءِ جڏهن ڪشميري مجاهد ڀارت جي خلاف اٿي کڙا ٿيا ته پاڪستان جي اها حڪمت عملي هئي ته ڪشميري مجاهدن جي حمايت ڪئي وڃي ۽ اهڙي پاليسي کي اڄ تائين مان صحيح سمجهان ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز مشرف چيو ته سڄي دنيا ۾ انٽيليجنٽس ايجنسين ۾ رابطا ٿيندا آهن. نائين اليون کان پو ءِ جيڪڏهن آمريڪا جو ساٿ نه ڏيون  ها ته دنيا ۾ اڪيلا ٿي وڃون هان ڀارت افغانستان تي حملي جي لاءِ آمريڪا کي پنهنجا هوائي اڏا ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *