سراج الحق ۽ رحمان ملڪ جي جهانگير ترين سان ملاقات

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته اهم مسئلا  چوراهن بجاءِ ڳالهين جي ٽيبل تي ويهي حل ڪرڻ گهرجن جهانگير ترين چوي ٿو ته حڪومت چونڊن ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اعلان ڪري اڄ سياسي جرڳي جا ميمبر سراج الحق ۽ رحمان ملڪ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين سان ملاقات ڪئي ملاقات ڪرڻ کان پوءِ سراج الحق صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ساسي جرڳي ڊرافٽ تيار ڪري جهانگير ترين جي حوالي  ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي تحريڪ انصاف جا اڳواڻ  صلاح مشورا ڪندا  ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ حڪومتي ٽيم سان ملاقات ٿيندي. رحمان ملڪ صحافين کي ٻڌايو ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومت وچ ۾ ڊيٽ لاڪ ختم ٿيڻ گهرجي اسحاق ڊار سان به ملاقات ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين سياسي جرڳي تيار ڪيل ڊرافٽ وزير اعظم نواز شريف کي موڪلي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي جهانگير ترين صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حڪومت چونڊ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اعلان ڪري جوڊيشل ڪميشن ئي مسئلن جو حل آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *