وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دين جي نالي تي انتهاپسندي ڦهلائي پئي وڃي، دهشتگردي جو خاتمو عالمن جي مدد کانسواءِ نٿو ٿي سگهي، دنيا ۾ اسلام جي نالي تي انسان جو رت وهايو پيو وڃي، جهاد جي پاڪيزه تصور کي چٿيو ويو، هاڻي اسان کي فتوائن کان اڳتي نڪرڻو پوندو، انسانيت ۾ پکڙجندڙ نفرت واري زهر کي عالم ئي ختم ڪري سگهن ٿا، اسلام امن ۽ محبت جو درس ڏي ٿو. عالمن کي قوم اڳيان دين جو مڪمل بيان رکڻ گهرجي. اسان گڏجي دهشتگردي ۽ خاص سوچ خلاف جنگ کٽينداسين، فوج جو ڪردار اهم آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردن کي ختم ڪري سک جو ساهه کنيو ويندو .سڌارا ادارن ۽ کاتن کي بهتر انداز ۾ فعال بڻائڻ جي بنياد هوندا آهن، ادارا بڻجڻ گهرجن، جيڪي ماڻهو چونڊيا وڃن انهن کي انفرادي جهڪاءُ کانسواءِ اجتماعي ڀلائي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ملڪ جي ادارن ۾ ڪيتريون ئي مداخلتون ڪيون ويون ۽ ڪجهه ماڻهن پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي ٿي. وزيراعظم عالمن تي زور ڏنو ته هو معاشري ۾ اتحاد، اتفاق، ڪامل، هم آهنگي جي فروغ ۽ حقيقي اسلامي تعليم جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا کي موثر انداز ۾ زائل ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن، ن ليگ حڪومت ۽ عالم سڳورا معاشري ۾ انتشار پکيڙيندڙن جي سمورين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪندا ۽ پنهنجي گڏيل ڪوششن سان گڏوگڏ ملڪ کي امن جو گهوارو بڻائيندا ۽ ان کي مستحڪم ڪندا، فرقيواريت جي منفي جذبن کي هوا ڏئي ۽ جهاد جي حقيقي پيغام کي ٽوڙي مروڙي دنيا ۾ انتهاپسندي پکيڙي وئي،
سڄي دنيا ۾ اسلام جي تعليم کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو پر عالمن منبر ۽ محراب جي ذريعي اهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ اسلام جو حقيقي تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ حقيقي تعليم کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. 2013ع ۾ جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي عوام حڪومتي معاملا هلائڻ جو مينيڊيٽ ڏنو ته ان جو سڀ کان وڏو مقصد ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ ۽ پائيدار امن آڻڻ هو، حڪومت اهو پڪو پهه ڪيو آهي ته سمورين سياسي قوتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، فوج ۽ پوليس جي جوانن دليراڻي انداز ۾ ان چئلينج جو مقابلو ڪيو ۽ قربانيون ڏنيو جڏهن ته عوام به دهشتگردي جي لعنت جي خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪيو، اسان دهشتگردي جي خلاف دنيا جي مقابلي ۾ سڀ کان وڏي جنگ وڙهي ۽ دهشتگردن جا هٿ ٽوڙي ڇڏيا، ملڪ ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ حملا ٿيا جيڪي اهڙن عنصرن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي همدردي رکندڙن جي مدد سان ٿيا تنهن هوندي به رياست انهن جو به پيڇو ڪري رهي آهي ۽ کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. انهن ڪوششن ۾ عالمن جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي،
دنيا ۾ فرقيواريت جي منفي جذبن کي هوا ڏئي ۽ جهاد جي حقيقي پيغام کي ٽوڙي مروڙي انتهاپسندي پکيڙي وئي، انتهاپسند عنصر مسلمانن جي وچ ۾ نفرتن جو ٻج پوکيو ۽ کين ڇڙوڇڙ ڪري قتل ۽ غارت جهڙيون غير انساني ڪارروايون ڪيون، شهيد مفتي سرفراز نعيمي ۽ مولانا حسن جان جهڙن عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن اهڙن عنصرن جي خلاف فتويٰ جاري ڪيون ۽ پنهنجي ان مذهبي فرض جي ادائيگي ۽ قوم ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي لاءِ جانيون قربان ڪري ڇڏيون.