دين جي نالي تي ٿيندڙ انتهاپسندي….!

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دين جي نالي تي انتهاپسندي ڦهلائي پئي وڃي، دهشتگردي جو خاتمو عالمن جي مدد کانسواءِ نٿو ٿي سگهي، دنيا ۾ اسلام جي نالي تي انسان جو رت وهايو پيو وڃي، جهاد جي پاڪيزه تصور کي چٿيو ويو، هاڻي اسان کي فتوائن کان اڳتي نڪرڻو پوندو،  انسانيت ۾ پکڙجندڙ نفرت واري زهر کي عالم ئي ختم ڪري سگهن ٿا، اسلام امن ۽ محبت جو درس ڏي ٿو. عالمن کي قوم اڳيان دين جو مڪمل بيان رکڻ گهرجي.  اسان گڏجي دهشتگردي ۽ خاص سوچ خلاف جنگ کٽينداسين، فوج جو ڪردار اهم آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردن کي ختم ڪري سک جو ساهه کنيو ويندو .سڌارا ادارن ۽ کاتن کي بهتر انداز ۾ فعال بڻائڻ جي بنياد هوندا آهن، ادارا بڻجڻ گهرجن، جيڪي ماڻهو چونڊيا وڃن انهن کي انفرادي جهڪاءُ کانسواءِ اجتماعي ڀلائي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ملڪ جي ادارن ۾ ڪيتريون ئي مداخلتون ڪيون ويون ۽ ڪجهه ماڻهن پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي ٿي. وزيراعظم عالمن تي زور ڏنو ته هو معاشري ۾ اتحاد، اتفاق، ڪامل، هم آهنگي جي فروغ ۽ حقيقي اسلامي تعليم جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا کي موثر انداز ۾ زائل ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن، ن ليگ حڪومت ۽ عالم سڳورا معاشري ۾ انتشار پکيڙيندڙن جي سمورين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪندا ۽ پنهنجي گڏيل ڪوششن سان گڏوگڏ ملڪ کي امن جو گهوارو بڻائيندا ۽ ان کي مستحڪم ڪندا، فرقيواريت جي منفي جذبن کي هوا ڏئي ۽ جهاد جي حقيقي پيغام کي ٽوڙي مروڙي دنيا ۾ انتهاپسندي پکيڙي وئي،

سڄي دنيا ۾ اسلام جي تعليم کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو پر عالمن منبر ۽ محراب جي ذريعي اهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ اسلام جو حقيقي تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ حقيقي تعليم کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. 2013ع ۾ جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي عوام حڪومتي معاملا هلائڻ جو مينيڊيٽ ڏنو ته ان جو سڀ کان وڏو مقصد ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ ۽ پائيدار امن آڻڻ هو، حڪومت اهو پڪو پهه ڪيو آهي ته سمورين سياسي قوتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، فوج ۽ پوليس جي جوانن دليراڻي انداز ۾ ان چئلينج جو مقابلو ڪيو ۽ قربانيون ڏنيو جڏهن ته عوام به دهشتگردي جي لعنت جي خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪيو، اسان دهشتگردي جي خلاف دنيا جي مقابلي ۾ سڀ کان وڏي جنگ وڙهي ۽ دهشتگردن جا هٿ ٽوڙي ڇڏيا، ملڪ ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ حملا ٿيا جيڪي اهڙن عنصرن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي همدردي رکندڙن جي مدد سان ٿيا تنهن هوندي به رياست انهن جو به پيڇو ڪري رهي آهي ۽ کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. انهن ڪوششن ۾ عالمن جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي،

دنيا ۾ فرقيواريت جي منفي جذبن کي هوا ڏئي ۽ جهاد جي حقيقي پيغام کي ٽوڙي مروڙي انتهاپسندي پکيڙي وئي، انتهاپسند عنصر مسلمانن جي وچ ۾ نفرتن جو ٻج پوکيو ۽ کين ڇڙوڇڙ ڪري قتل ۽ غارت جهڙيون غير انساني ڪارروايون ڪيون، شهيد مفتي سرفراز نعيمي ۽ مولانا حسن جان جهڙن عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن اهڙن عنصرن جي خلاف فتويٰ جاري ڪيون ۽ پنهنجي ان مذهبي فرض جي ادائيگي ۽ قوم ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي لاءِ جانيون قربان ڪري ڇڏيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *