پيپلز پارٽي جو ڪشمير مسئلي تي قومي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪشمير مسئلي تي سمورين سياسي پارٽين تي ٻڌل هڪ قومي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي ڇو ته موجوده حڪومت ڪمزور ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ سمورين سياسي پارٽين جي اها ڪانفرنس ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ڪشمير ڪاز تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه جمعي تي زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ڪشميري ليڊرن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. ان وفد ۾ اي جي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر شاهه غلام قادر، اڳوڻي صدر اي جي ڪي سردار يعقوب خان ۽ اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق ۽ ٻيا شامل هئا. آصف علي زرداري چيو ته ڪشمير جو ڪو به حل ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ٿيڻ گهرجي. ڪشمير جي عوام جي خواهشن خلاف ڪو به اهڙو حل ناڪام ٿيندو. هن والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي سخت مذمت ڪئي جنهن سان ڪشميري نوجوان پنهنجي اکين جي نور کان محروم ٿي رهيا آهن هن چيو ته بين الاقوامي برادري کي ان جو نوٽيس وٺڻ لاءِ چيو آهي. هن چيو ته ان ڳالهه تي ڪو به تڪرار ناهي ته هڪ طرف ڀارت سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا وڃن ۽ ٻئي طرف پنهنجن اصولن تي قائم رهيو وڃي ۽ ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي. اڳوڻي صدر ياد ڏياريو ته شهيد محتترمه بينظير ڀٽو خبردار ڪيو هو ته هڪ طرفي طور تي گڏيل قومن جي ٺهرائن تي پنهنجو اصولي موقف ختم ڪرڻ جي تباهه ڪندڙ نتيجا هوندا پر انهن خدشن کي جنرل مشرف ڌيان نه ڏنو ۽ هن گڏيل قومن جي ٺهرائن کي نظرانداز ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *