بند ٻڌڻ سان ڊيلٽا بچي سگهندو؟: صاحب خان ڀٽي

وزيراعظم نوازشريف ٺٽي ۾ جلسي دوران اعلان ڪيو هو ته هو ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ بند ٻڌندو، جنهن سان ٺٽي سميت مختلف سامونڊي پٽي وارن علائقن جون زمينون بچي وينديون، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وزيراعظم نوازشريف اهو تمام سٺو اعلان ڪيو آهي، جيڪڏهن سمنڊ کي بند ڏنو ويندو ته ان جو پاڻي اڳتي وڌي نه سگهندو، هن وقت سڄي سنڌ  ۾ ڊيلٽا تي ئي بحث ٿي رهيو آهي، سياسي، سماجي اڳواڻ به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڊيلٽا کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورا به اسيمبلين ۾ اهي ئي رڙيون ڪري رهيا آهن ته سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، جنهن سبب وفاقي حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن پر افسوس جو هن وقت تائين سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن، جنهن سبب هن وقت به سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجن جو سلسلو هلندڙ آهي، هونءَ ته سنڌ حڪومت ڪيتري ئي عرصي کان ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ  وفاق سان ڳالهائيندي رهي آهي پر افسوس جو وفاقي حڪومت ان تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، ايتري قدر جو سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو فراهم ڪيو وڃي، جنهن سبب آبادگار به سراپا احتجاج بڻيل آهن،

اڳ جڏهن قومپرست ڌريون سنڌ ۾ ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ احتجاج ٿي رهيا هئا ته ان وقت ڪو به سندن دانهن ٻڌڻ وارو نه هو پر هاڻ سنڌ سرڪار به ڊيلٽا کي  بچائڻ لاءِ  وفاق آڏو آواز اٿاري رهي آهي. ايتري قدر جو سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل وزير به ڊيلٽا تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪا آهن پر ان باوجود وفاقي حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي. بهرحال ٺٽي ۾ جڏهن وزيراعظم نوازشريف آيو هو ته ان وقت هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته هو سمنڊ کي بند ٻڌندو جنهن سان پاڻي اڳتي وڌي نه سگهندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو سٺو اعلان هو، ٻين ملڪن ۾ سمنڊ کي بند ڏنا ويندا آهن ته جئين سامونڊي پاڻي اڳتي نه وڌي سگهي پر هتي سمنڊ جي پاڻي اڳتي وڌڻ جو مسئلو نه آهي پر سنڌ ۾ ان ڪري احتجاج ٿي رهيو آهي ته هتي ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي، جنهن سبب سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، تنهن جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد سمنڊ ۾ پڇڙي تائين مٺو پاڻي پهچايو وڃي ته جئين ڊيلٽا کي بچائي سگهجي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو، صرف بند ٻڌڻ سان ڊيلٽا بچي نه سگهندي،

سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي، بهرحال هن وقت سڄي سنڌ ۾  سمنڊ ۾ مٺي پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ خلاف احتجاجن جو سلسلو به جاري آهي، اڳ ۾ قومپرست ڌريون احتجاج ڪنديون هيون هاڻ ڪامورا به ايوانن ۾ آواز اٿاري رهيا آهن،  جيڪڏهن وزيراعظم نوازشريف ٺٽي ۾ سمنڊ کي بند ٻڌڻ سان گڏ ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ به  جو اعلان ڪري ها ته  تمام ڀلو ٿي وڃي ها،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سمنڊ جو لوڻياٺو پاڻي جر جي مٺي پاڻي کي به نقصان پهچائي رهيو آهي، سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ جر جو مٺو پاڻي به لوڻياٺو ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن سمنڊ ۾ مٺي پاڻي کي ڇوڙ نه ڪيو ويو ته سامونڊي پٽي وارن علائقن کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. بهرحال هن وقت  ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي قدم کڻڻ گهرجن، وزيراعظم نوازشريف ته سمنڊ کي بند ٻڌڻ جو اعلان ڪيو هليو ويو آهي، جيڪڏهن بند ڏنو به ويو ته ان سان ڊيلٽا تباهه ٿيڻ کان بچڻ ناممڪن آهي، جيستائين مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيندو، تيستائين سمنڊ زمين کي ڳڙڪائڻ بند نه ڪندو، هن وقت سمنڊ ڪيتر ائي ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، تنهن لاءِ ضروري آهي، سنڌ سرڪار وفاق سان رابطو ڪري ۽ پنهنجي حصي جو پاڻي وٺي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ته جئين سامونڊي پٽي وارا علائقا بچي سگهن. هونءَ ته وزيراعظم نوازشريف ايندڙ اليڪشن کان اڳ ئي سنڌ جو رخ ڪيوآهي جنهن بابت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به ڪجهه ڏينهن  اهو ئي چيو هو ته نوازشريف سنڌ ايندي ايندي تمام گهڻي دير لڳائي ڇڏي،

بهرحال هن وقت  وزيراعظم  جي سنڌ آمد بعد سمنڊ کي بند ٻڌڻ جو اعلان به ٿيو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم پنهنجي ٺٽي جي جلسي ۾ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ جو اعلان به ڪري ها ته سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻو خوش ٿي وڃن ها پر افسوس جو وزيراعظم سنڌ جي پاڻي واري اهم مسئلي تي ڪو به اهڙو جملو نه ڳالهايو ۽ نه ئي وري سنڌ جي آبادگارن کي ڪي رعائتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو، بهرحال  ذڪر  ڊيلٽا جو هلي رهيو هو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته وفاقي حڪومت ڪهڙي ريت سمنڊ کي بند ٻڌي ٿي؟ اهو ان ڪري سوال ڪيو ته هتي ته سنڌو دريا کي به صحيح  نموني بند نه ٻڌيو ويو آهي، اهو ڪو مهنيو نه گذريو هوندو جتي سنڌ اندر ڪٿي گهارو نه لڳو هجي، سنڌ جا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي روز ڪٿي نه ڪٿي بند ٽٽي پوندا آهن ۽ ڳوٺ ٻڏي ويندا آهن، وفاقي توڙي صوبائي حڪومت اڄ تائين  انهن شاخن ۽ واهن جي ڪپن کي ئي مضبوط نه ڪري سگهي آهي ته سمنڊ کي وفاقي حڪومت ڪهڙي نموني بند ڏيندي، جنهن سان زمين  بچي ويندي  ۽ سمنڊ به اڳتي نه وڌي سگهندو.وزيراعظم نوازشريف کي ته سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪپرن کي به پڪو ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ها پر افسوس جو نه ته وفاقي حڪومت ڪو قدم کڻي رهي آهي ۽ نه ئي صوبائي حڪومت  قدم کڻڻ لاءِ اڳتي وڌي رهي آهي. هن وقت ته سمورا اڳواڻ صرف بيان ڏيڻ ۾ پورا نظر اچي رهيا آهن، بهرحال هن وقت وزيراعظم کي صرف ايترو ئي عرض ڪري سگهجي ٿو ته ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جئين ڊيلٽا کي بچائي سگهجي، جيڪڏهن سنڌ ۾ سامونڊي پٽي وارن علائقن کي بچائڻو ئي آهي ته پوءَ فوري طور تي سمنڊ  ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾  سمنڊ کي بند ڏيڻ سان ڪجهه به ڪو نه ورندو. جيڪڏهن هن وقت وفاقي حڪومت ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ته اها سنڌ سان تمام وڏي ناانصافي هوندي.هونءَ ته وزيراعظم نوازشريف سمنڊ کي بند ٻڌڻ واري اعلان سان گڏ سمنڊ ۾ مٺي پاڻي کي ڇوڙ ڪرڻ قدم کڻي ته جئين سنڌ جي ماڻهن جي بيچيني ختم ٿي سگهي.

sahibalsindhi@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *