گھوٻين جي الزام ۾ گرفتار ٿيندڙ فيفا جي ستن عملدارن کي آمريڪا حوالي ڪيو وڃي: آمريڪا

زيورخ (اسپورٽس نيوز) سوئس عملدارن موجب آمريڪا سوئٽزرلينڊ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو هلندڙ سال مئي ۾ گھوٻين جي الزام ۾ گرفتار ٿيندڙ فيفا جي ستن عملدارن کي آمريڪا حوالي ڪري. سوئٽزر لينڊ جي فيڊرل آفيس آف جسٽس (ايف او جي) هڪ بيان ۾ چيو ته جوابدار حوالي ڪرڻ لاءِ باقاعدي درخواستون اربع تي داخل ڪيون وينديون. واضح رهي ته آمريڪا طرفان جن 14 ماڻهن تي ريڪٽيئرنگ ۽ غير قانوني طور پيسن جي ڏي وٺ جي الزام هيٺ تهمت هنئي وئي آهي انهن ۾ فيفا جا ست اعليٰ ايگزيڪيوٽو پڻ شامل آهن. انهن 14 جوابدارن جي گروپ مان 7 کي سوئٽزرلينڊ مان گرفتار ڪيو ويو هو. ايف او جي جو چوڻ هو ته زيورخ پوليس فيفا جي انهن ستن عملدارن کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جي درخواست جي سلسلي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. ايف او جي بيان موجب سوئس عملدار ۽ سندن وڪيلن وٽ آمريڪي درخواست تي عمل ڪرڻ جي لاءِ 14 ڏينهن جو وقت آهي ۽ جيڪڏهن ڪو طاقتور سبب ٿيو ته ان وقت ۾ واڌ به ڪري سگھجي ٿي. ياد رهي ته آمريڪي انصاف جي اداري جي درخواست تي گذريل مهيني زيورخ ۾ واقع هڪ هوٽل ۾ پوليس ڇاپي کان پوءِ فيفا جا ستن عملدارن کي گرفتار ڪيو هو ۽ مٿن گھوٻين جا سخت ڪيس داخل ويا ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *