پاڪستاني هاڪيءَ کي هٿرادو ساهه کڻايو پيو وڃي، طبعي طور هن جو موت واقع ٿي چڪو آهي: سميع الله

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي اولمپئن سميع الله جو چوڻ آهي ته پاڪستاني هاڪيءَ کي هٿرادو ساهه کڻايو پيو وڃي، طبعي طور هن جو موت واقع ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته پاڪستان هاڪي ٽيم کي بيلجيم ۾ ٿيندڙ اولمپڪ ڪوليفائنگ رائونڊ ۾ برطانيا هٿان ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست سان منهن ڏيڻو پيو هو، جنهن کان پوءِ هوءَ اڄ آئرلينڊ سان مقابلو ڪندي ۽ کٽڻ جي صورت ۾ هاڪي ٽيم پنجين پوزيشن لاءِ ميچ کيڏندي. جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم پنجين پوزيشن ماڻن ۾ ڪامياب وئي ته ان کي اولمپڪس تائين رسائيءَ جا امڪان چِٽا ٿي ويندا. سميع الله خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني هاڪي ٽيم جي لاءِ اولمپڪس تائين پهچڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. آئرلينڊ خلاف سندس ميچ ڪنهن طريقي به سولو ناهي ڇو ته آئرلينڊ ٽيم برطانيا سان گروپ ميچن ۾ برابر کيڏي چڪي آهي. جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم آئرلينڊ کي هارائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ ان کي پنجين پوزيشن جي ميچ ۾ ملائيشيا يا فرانس سان منهن ڏيڻو پوندو. سميع الله چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستاني ٽيم واضح طور کٽڻ سان اولمپڪس لاءِ ڪوليفاءِ ڪرڻ بدران ٻين جي کٽڻ ۽ شڪست تي نظرون کُپائي رکيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *