ڀٽ شاهه ملاکڙا گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ جا مقابلا دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي ويا

ڀٽ شاهه (اسپورٽس نيوز) ڀٽ شاهه ملاکڙا گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ جا مقابلا دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي ويا، سخت مقابلن بعد مخدوم محبوب الزمان اليون ۽ مخدوم اليون جون ٽيمون ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون، پري ڪوارٽر فائنل جي پهرين ميچ ۾ مخدوم اليون جي ٽيم گرين اسٽار هالا کي شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن تـ ٻي ميچ ۾ مخدوم محبوب الزمان اليون، مورو اليون کي هارائي ٽورنامينٽ مان ڪڍي ڇڏيو، مخدوم اليون جي جنيد ۽ مخدوم محبوب الزمان اليون جي عزيز ڪانڌڙي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ڀٽ شاهه جي ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ جاري مخدوم اليون ڪرڪيٽ ڪلب هالا جي صدر فقير حسين علي جعفري جي ميزباني هيٺ جاري مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ 2015ع  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پري ڪوليفاءِ ميچن ۾ مخدوم اليون ڪرڪيٽ ڪلب هالا، گرين اسٽار ۽ مخدوم محبوب الزمان اليون، مورو اليون ۾ مقابلا ٿيا، جنهن ۾ مخدوم اليون ۽ مخدوم محبوب الزمان اليون ڪاميابي ماڻي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا، پهرين پري ڪوليفاءِ ميچ ۾ مخدوم اليون جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 119 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ گرين اسٽار هالا جي ٽيم 80 رنسن تي ٿي وئي، مخدوم اليون جي آل رائونڊر جنيد کي 35 رنسون ڪرڻ ۽ 3 وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ٻي ميچ ۾ مورو اليون جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ فقط 41 رنسون ٺاهيون، جيڪو مخدوم محبوب الزمان اليون جي ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 4 اوورن ۾ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ڪوارٽر فائنل ۾ پير پاتو، مخدوم محبوب الزمان اليون جي عزيز ڪانڌڙو کي 26 رنسن ۽ 3 وڪيٽ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، خاص مهمان مخدوم نويد الزمان ۽ ٻين مين آف دي ميچ جا ايوارڊ ڏنا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *