ڪرڪيٽ بورڊ ۾ موجود اڳوڻن ڪرڪيٽرز تي پابندي

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي) جي چئيرمين شهريار خان بورڊ ۾ ملازمت ڪندڙ اڳوڻن ڪرڪيٽرز جي ڪمينٽري ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻن ڪرڪيترز پاران ٻن نوڪرين جي فيصلي  تي ڪاري ضرب لڳائيندي بورڊ ۾ موجود ڪرڪيٽرز جي ڪمينٽري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.واضع رهي ته گذريل ڏينهن بورڊ ۾ موجود اڳوڻن ڪرڪيٽرز هارون رشيد، اظهر خان، محمد اڪرم ۽ ڪيترن ئي ڪرڪيٽرز بورڊ جي ملازمت سان گڏوگڏ ڪمينٽري باڪس ۾ به نظر ايندا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *