محبت ۾ گرفتار ٿيس ته اداڪاري ڇڏي شادي ڪري ڇڏيندس، دپيڪا پڊوڪون

ممبئي(شوبز نيوز)فلم انڊسٽري ۾ پيار محبت جي داستان هر روز ٺهندي ۽ ڊهندي نظر ايندي آهي، پر پنهنجي ڪيريئر جي عروج تي شايد ئي گهٽ اداڪار يا اداڪاره محبت جي لاءِ قرباني ڏيڻ جي لاءِ  تيار  هوندا آهن، پر بالي ووڊ جي پهرين صف جي اداڪاره دپيڪا پڊوڪون محبت جي خاطر پنهنجو ڪيريئر ڇڏڻ  تي راضي آهي، ڀارتي ميڊيا جي مطابق بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون  هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن  هن کي محبت ٿي وئي ته هو اداڪاري ڇڏي شادي ڪري ڇڏيندي، ڇاڪاڻه ته ان جي زندگي ۾ خاندان وڌيڪ اهميت رکي ٿو ، ان چيو ته زندگي ۾ ڪاميابي ڪا معنيٰ نه رکندي آهي، ڇاڪاڻه ته خاندان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ناهي، جيڪو مڪمل ٿيڻ جو احساس ڏياري ٿو، واضح رهي ته بالي ووڊ ميگا اسٽار اميتاڀ بچن ۽ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون جي گذريل ڏينهن ۾ رليز ٿيندڙ فلم “ پيڪو” باڪس آفيس تي ڪاميابي ماڻيندي 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *