پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ سريلنڪا جي دوري تي رواني ٿيندي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم (اڄ) سومر ڏينهن سريلنڪا جي دوري تي رواني ٿي ويندي. سريلنڪا جي ڏکئي قرار ڏنل دوري لاءِ قومي ٽيم جون تياريون اڻپوريون سمجهيون پيون وڃن، هيڊ ڪوچ وقار يونس رات دير سان سڊني کان لاهور پهچي انفرادي ٽريننگ ڪئي، قومي ٽيم سريلنڪا جي دوري دوران ٽي ٽيسٽ ميچون کيڏندي، جيتوڻيڪ پاڪستان کي سريلنڪا تي ٽيسٽ ميچن ۾ سرسي حاصل آهي پر قومي ٽيم گذريل 10 سالن کان آئي لينڊرز خلاف ڪا به سيريز ناهي کٽي، گرين ڪيپس سريلنڪا کي ٽيسٽ سيريز ۾ آخري ڀيرو 2005ع ۾ مات ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *