ڪراچي ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران بال لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)اورنگي ٽائون ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران سيني تي بال لڳڻ سبب نوجوان ڪرڪيٽر ذيشان محمد فوت ٿي ويو آهي، ڪرڪيٽ ميچ ان وقت حادثي ۾ بدلجي وئي جڏهن فاسٽ بالر طرفان اڇلايل بال لڳڻ سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو پوليس ۽ اسپتال انتظاميه ٻڌايو ته ڇوڪرو مائي هوا ڳوٺ ۾ واقع گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو هو 18 سالا ذيشان محمد جي سيني  تي بال لڳو جنهن تي هو ڪري پيو ان کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ان جي موت جي تصديق ڪئي، فوت ٿيندڙ ڪرڪيٽر جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارتم بغير ئي ڪرڪيٽر جا وارث لاش کڻائي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *