دلشان گڏيل ون ڊي سيريز ۾ ٽي ڀيرا 300 رنسن جو اسڪور ڪندڙ ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو

ڊونيڊن (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن بيٽسمين تلڪرتني دلشان نيوزيلينڊ خلاف هلندڙ ون ڊي سيريز م 300 رنسن جو اسڪور ڪيو. دلشان گڏيل ون ڊي سيريز م ٽي ڀيرا اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ دنيا جو ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. گڏيل سيريز ۾ وڌيڪ ڀيرا 300 رنسون اسڪور ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ راهول ڊريود کي حاصل آهي. هن 4 ڀيرا اهو اعزاز حاصل ڪيو هو. ڊسمنڊ هائنز ٻئي نمبر تي آهي. نيوزيلينڊ خلاف کيڏيل ڇهين ون ڊي ۾ دلشان بيٽنگ ۾ ناڪام رهيو پر هن 21 رنسون ٺاهي گڏيل سيريز ۾ 300 رنسون اسڪور ڪرڻ جو هدف حاصل ڪيو. هن پنج ميچون کيڏي 316 رنسون ٺاهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *