گلڪرسٽ ۽ رائيڊر آسٽريلين ڪرڪيٽ هال آف فيم ۾ شامل ٿي ويو

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ايڊم گلڪرسٽ ۽ جيڪ رائيڊر کي آسٽريلين ڪرڪيٽ هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو اهي، رائيڊر هال آف فيم ۾ شامل ٿيندڙ 40هون ۽ گلڪرسٽ 41هون رانديگر آهي، ٻنهي رانديگرن کي ايلن بارڊر ميڊل نائٽ تقريب جي دوران آن ۽ آف دي فيلڊز ۾ ملڪي ڪرڪيٽ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعزاز سان نوازيو ويو، هال آف فيم چيئرمين ڊيوڊ ڪروني پنهنجي بيان ۾ چيو ته گلڪرسٽ ۽ رائيڊر مختلف طريقن سان آسٽريليا ڪرڪيٽ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، ان ڪري ٻئي پليئر هال آف فيم م شموليت جا حقدار ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *