ڌوني ڀارتي فوج ۾ پيراٽروپر بڻجڻ لاءِ سکيا وٺڻ لڳو ، ننڍي جهاز تان تجرباتي ٽپو ڏيڻ ۾ ڪامياب

آگره (اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني پيراٽروپر بڻجڻ جي سکيا حاصل ڪرڻ دوران پهريون آزمائشي جمپ لڳائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، مهندرا سنگهه ڌوني گذريل ٻن هفتن کان پيراٽروپر ٽريننگ اسڪول (پي ٽي ايس) ۾ تربيت هيٺ آهي، سندس تربيت جي شروعات 6 آگسٽ کان ٿي هئي، ڌوني آگره جي مال پوره روڊ ۽ پنگ زون ۾ اي اين 32 ايئر ڪرافٽ تان ٽپو ڏنو، کيس تربيت دوران وڌيڪ 4 ڀيرا 10 هزار فٽ جي بلندي تان ٽپو  ڏيڻو پوندو، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي 2001ع ۾ فوج ۾ 106 پيراشوٽ ريجمينٽ ۾ اعزازي ليفٽيننٽ ڪرنل جو عهدو ڏنو ويو هو، گذريل ٻن هفتن کان ڌوني کي ڪلاس روم ۾ پيرا شوٽ ذريعي 10 هزار فٽ جي بلندي تان ٽپو لڳائڻ جي تربيت ڏني پئي وڃي، ياد رهي ته ڌوني دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر هوندو ،جنهن کي فوج ۾ پيراٽروپر بڻجڻ جي تربيت ڏني پئي وڃي، هندستان جي فوج ۾ ڌوني کان پهرين اڳوڻي ڪپتان ڪپيل ديو ۽ ابينو بيندرا کي به ڪميشن ڏني وئي هئي پر مهيندر سنگهه ڌوني پهريون رانديگر آهي، جيڪو تربيت حاصل ڪري باقاعده فوجي تمغو پنهنجي ڇاتي تي لڳائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *