بي سي سي آءِ آفيسرن سان سندس ڳالهه ٻولهه کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو: پريتي زنٽا

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا ۽ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيم ڪنگز اليون پنجاب جي گڏيل مالڪياڻي پريٽي زنٽا سندس نالي سان غلط بيان هلائڻ تي ڀارتي ميڊيا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيائي رپورٽن موجب زنٽا 8 آگسٽ تي رٿيل آءِ پي ايل ورڪنگ گروپ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) عملدارن کي ٻڌايو ته سندس ٽيم ڪنگز اليون پنجاب جا ڪجھه رانديگر ميچ فڪسنگ ۾ بابت شڪي سرگرمين ۾ ملوث آهن. رپورٽ موجب بالي ووڊ اداڪارا وڌيڪ چيو ته سندس ٽيم جي ڪجھه ميچن ۾ کيس ايئن محسوس ٿيو ته انهن جو نتيجو پهريان کان طئه ٿيل آهي ۽ الزام هنيو ته بي سي سي آءِ جي ڪرپشن ٽوڙ ٽيم ميچ فڪسنگ مامري کي متاثر ڪندڙ طريقي سان حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. گڏجاڻيءَ ۾ آءِ پي ايل جي نمائندن سان گڏوگڏ ورڪنگ گروپ جا چار ميمبر آءِ پي ايل چيئرمين راجيو شڪلا، بي سي سي آءِ سيڪريٽري انوراگ ٺاڪر، خزانچي اني رڌ چوڌري ۽ ڀارتي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ساروو گنگوليءَ به شرڪت ڪئي. جڏهن ته پريٽي زنٽا ڪالهه انهن الزام جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو ته بي سي سي آءِ آفيسرن سان سندس ڳالهه ٻولهه کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، هن ٽوئٽر پيغام تي ان جي سختيءَ سان مذمت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *