آئي سي سي جو سلمان بٽ ۽ محمد آصف تان پابندي هٽائڻ جو اعلان

ٓلاهور(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث پاڪستاني رانديگرن سلمان بٽ ۽ محمد آصف جي سزا ۾ گهٽتائي ڪندي ٻنهي رانديگرن تي لاڳو پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث پاڪستاني قومي ٽيم جي اڳوڻن رانديگرن تي لاڳو پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ذريعن مطابق آئي سي سي سلمان بٽ ۽ محمد آصف جي سزا ۾ 5،5 سالن تائين گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي 2 سيپٽمبر کان ڊوميسٽڪ ۽ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *