پي سي بي جو “ پاڪستان سپر ليگ” ايندڙ سال يو اي اي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ “ پاڪستان سپر ليگ” گڏيل عمارات ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي سي بي گورننگ باڊي جي اجلاس دوران  اهو فيصلو ڪيو  ويو ته ايندڙ سال فيبروري ۾ پاڪستان سپر ليگ گڏيل عرب عمارات ۾ ڪرايو ويندو جڏهن ته ايونٽ ۾ وڏي انگ ۾ پريڏيهي رانديگر شامل هوندا جنهن  جي ڪري ايونٽ گڏيل عرب عمارات ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان سپر ليگ جا انتظام پاڪستان ڪرڪيت بورڊ ڪندو. پاڪستان سپر ليگ جي رٿا ان کان اڳ ٻه ڀيرا ناڪامي جو شڪار ٿي آهي ۽ اڳوڻي چئرمين پي سي بي ذڪا اشرف کانپوءِ نجم سيٺي جي دور ۾ به ليگ جي حوالي سان ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي، پر چئرمين  پي سي بي شهريار خان جي ڪوششن کانپوءِ ايونٽ هاڻي يو اي اي ۾ ڪرايو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *