بنگلاديشي اوپنر تميم اقبال پنهنجي ملڪ جو ڪامياب ترين ٽيسٽ بيٽسمين بڻجي ويو

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديشي اوپنر تميم اقبال پنهنجي ملڪ جو ڪامياب ترين ٽيسٽ بيٽسمين بڻجي ويو آهي، ڍاڪا جي خان صاحب عثمان علي اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ تميم اقبال جڏهن ايشانت شرما جي بال تي 2 رنسون مڪمل ڪيون ته ان سان گڏ ئي هو ڪپتان حبيب البشر جي جڳهه تي بنگلاديش جو ڪامياب ترين ٽيسٽ رانديگر بڻجي ويو. حبيب البشر 2000ع کان 2008ع دوران بنگلاديش طرفان 50 ٽيسٽ ميچن ۾ 87-30 جي سراسريءَ سان 3026 رنسون اسڪور ڪيون هيون، جنهن ۾ 3 سنچريون ۽ 24 ففٽيون به شامل هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *