پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ کيڏڻ لاءِ گال پهچي وئي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪولمبو ۾ وارم اپ ميچ ذريعي سرينلڪا جي دوري جي شروعات ڪرڻ کانپوءِ گال پهچي وئي آهي، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اربع کان پهرين ٽيسٽ ميچ شروع ٿيندي. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي پريزيڊنٽ بورڊ اليون ۾ ٽن ڏينهن واري وارم اپ ميچ بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي هئي، گال پهچڻ تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ هو ته هن مختلف قومي ٽيمن سان گڏ سريلنڪا جو دورو ڪيو پر تمام گهٽ ڪاميابيون مليون، هن ڀيري سولائي سان کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سريلنڪن ڪپتان اينجلو ميٿيوز چيو ته دنيا جي ڪنهن به ميدان تي گرين ڪيپس کي هارائڻ سولو ناهي. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ تيم 10 سالن کان سريلنڪا کان ڪابه ٽيسٽ سيريز نه کٽي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *