پهري ليگ ۾ پنج ٽيمون حصو وٺنديون، جن وچ ۾ گڏيل طور 24 ميچون کيڏيون وينديون: نجم سيٺي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پهرين پاڪستان سپر ليگ ايندڙ سال 4 کان 24 فيبروريءَ تائين قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سپر ليگ جي گورننگ ڪائونسل جي چيئرمين نجم سيٺيءَ جو چوڻ هو ته پهري ليگ ۾ پنج ٽيمون حصو وٺنديون، جن وچ ۾ گڏيل طور 24 ميچون کيڏيون وينديون. سپر ليگ جي انعامي رقم 10 لک ڊالر ٻڌائي پئي وڃي. نجم سيٺيءَ جو چوڻ هو ته ڀارت کان سواءِ ٻين ملڪن جي ذڪر لائق ڪرڪيٽرن سپر ليگ ۾ کيڏڻ ۾ دلچپسي ڏيکاري آهي. ان کان سواءِ ڪيترن ئي پرڏيهي ڪوچن پڻ سپر ليگ ۾ دلچسپي رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته فرنچائز جي مالڪن، براڊڪاسٽرن ۽ اسپانسرن جا تفصيل ايندڙ ٽِن مهينن ۾ طئه ڪيا ويندا. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورد آءِ پي ايل جي طرز تي ٽي ٽوئنٽي ليگ ڪرائڻ لاءِ ڪافي وقت کان ڪوشان رهيو پر ڳري رقم خرچ ڪرڻ باوجود به مختلف سببن جي ڪري هيءَ ليگ نه ٿي سگھي هئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سپرليگ جي رپورٽ تيار ڪرڻ جي لاءِ آءِ سي سيءَ جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو هارون لوگارٽ جون خدمتون به حاصل ڪيون هيون، جنهن فيس جي مد ۾ سوال لک ڊالر پڻ ورتا هئا. ان وقت به سپر ليگ جي سيڪريٽريٽ ۾ ڳرين پگھارن ۽ مراعاتن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪيتريون ئي مقرريون ڪيون هيون. ياد رهي ته دوحا ۾ فقط هڪ ئي اسٽيڊيم موجود آهي، جنهن ۾ سپر ليگ جون سڀ ميچون کيڏيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *