اداڪارائون پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪجھه به ڪن پر فلم ۾ آئٽم گيت ڪرڻ سندن ذاتي پسند نٿو ٿي سگھي: حمزه عباسي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار حمزه علي عباسيءَ جو چوڻ آهي ته اداڪارائون پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪجھه به ڪن پر فلم ۾ آئٽم گيت ڪرڻ سندن ذاتي پسند نٿو ٿي سگھي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ حمزه علي عباسيءَ جو چوڻ هو ته هو گيتن خلاف ناهي ڇو ته اهي هاڻي اسان جي ثقافت جو حصو بڻجي چڪا آهن، پر مان آئٽم نمبرن جي خلاف آهيان، ڇو ته انهن ۾ عورتن کي مختصر لباس ۾ نچندي ڏيکاريو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته آئٽم نمبر عورتن لاءِ بي عزتي جو سبب بڻجي رهيا آهن. حمزه فلم جي پروڊيوسرن، هدايتڪارن، اداڪارن ۽ سينسر بورڊ تي تنقيد ڪندي چيو ته آئٽم گيت فلم ۾ شامل ڪرڻ انهن سڀني جي غلطي آهي. سندس چوڻ هو ته هو سينسر بورڊ کان سوال ٿو ڪري ته آخر هو آئٽم گيتن کي فلمن ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڇو ٿا ڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *