عمر اڪمل کي ناروي ۾ هڪ ميچ دوران هڪ عورت بالر ڪلين بولڊ ڪري ڇڏيو

اوسلو (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين بيٽسمين عمر اڪمل هونئن ته دنيا جي وڏن وڏن بالرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندو آهي. پر ناروي ۾ هڪ ميچ دوران هڪ عورت بالر کيس ڪلين بولڊ ڪري ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. اوسلو ۾پاڪستان ميلي دوران ڇوڪرين جي ٻن ٽيمن جو ميچ ٿيو، جنهن دوران عمر اڪمل کي به هڪ ٽيم جو حصو بڻايو ويو هو. پهرين هن ڪجهه شاٽون کيڏيون پوءِ پاڪستان ڄائي اسما احمد جي بالنگ تي سنگل رنس وٺڻ جي ڪوشش ۾ بال عمر اڪمل جي بيٽ کي ڇهندي وڃي وڪيٽن کي لڳو، عمر اڪمل جي آئوٽ ٿيڻ وقت مخالف ٽيم جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *