پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ نئين راند شروع ڪري ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز)چيمپنز ٽرافي کان ٻاهر ٿيڻ جي ڊپ سبب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ زمبابوي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. سري لنڪا کان سيريز کٽڻ تي چئمپئينز ٽرافي جو ٽڪيٽ ملڻ جي اميد سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ نئين راند شروع ڪري ڇڏي آهي. زمبابوي جي خلاف شيڊيول جوابي سيريز کي ملتوي ڪري ڇڏيو. گرين شرٽس کي ايندڙ مهيني زمبابوي جي خلاف 3 هڪ ڏينهن ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ وڃڻو هو. چئمپئينز ٽرافي جو رستو صاف ٿيڻ سان ئي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽه ڪنڊي سيريز ۽ هاڻي رڳو زمبابوي جي خلاف سيريز ۽ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان ٽئين ٽيم ويسٽ انڊيز کي وڏو جهٽڪو لڳو آهي. ذريعن مطابق زمبابوين بورڊ اسپانسرز جي نه هجڻ جو چئي سيريز ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *