آئي سي سي جي ميمبر ملڪن کي ٽيمون پاڪستان موڪلڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: ظهير عباس

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر ظهير عباس چيو آهي ته هو آئي سي سي جي ٻين ميمبر ملڪن کي به پنهنجي ٽيمن کي پاڪستان جي دوري تي موڪلڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، اميد آهي ته سريلنڪا به پاڪستان جو دورو ڪندي. ظهير عباس سريلنڪن ڪرڪيٽ جي عبوري ڪميٽي جي دعوت تي ڪولمبو جو دورو ڪيو، جتي ڳالهائيندي هن چيو ته اهو وقت ضرور ايندو، جڏهن اسان جا پاڙيسري به پاڪستان ايندا ۽ ڪرڪيٽ کيڏندا، مونکي اميد آهي ته سريلنڪا ته پاڪستان جو دورو ضرور ڪندي، واضح رهي ته 2009ع ۾ لاهور ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم تي دهشتگرد حملي کانپوءِ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا در بند ٿي ويا هئا، پر هلندڙ سال زمبابوي جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪري اهو جمود ٽوڙڻ جي اميد پيدا ڪئي آهي. ظهير عباس جو چوڻ هو ته اسان ۽ سريلنڪا هر شعبي ۾ هڪ ٻئي جي ڪافي ويجهو آهيون، جيڪڏهن سريلنڪا دوري بابت راضپو ڏيکاريو ته خوشي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *