ڏکڻ آفريڪي ٽيم ڀارت خلاف سندس ڌرتي تي پهرين ٽي ٽوئنٽي ۽ 4 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز): ڏکڻ آفريڪا ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت جي 72 ڏينهن تي ٻڌل ڊگهي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، دوري دوران ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت خلاف ٽي ٽي ٽوئنٽي، 5 ون ڊي ۽ 4 ٽيست ميچون کيڏندي. ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ جي پڌرائي مطابق اهو دورو سيپٽمببر کان ڊسمبر تائين هوندو، جنهن دوران ڏکڻ آفريڪي ٽيم ڀارت خلاف سندس ڌرتي تي پهرين ٽي ٽوئنٽي ۽ 4 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. آفريڪي ٽيم جي دوري جي شروعات دهلي ۾ ٽي ٽوئٽي پريڪٽس ميچ سان ٿيندي، جنهن کانپوءِ 2 کان 8 آڪٽوبر جي وچ ۾ ڌرمشالا، ڪتڪ ۽ ڪولڪتا ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون، اهڙي ريت ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز 11 آڪٽوبر کان 25 آڪٽوبر تائين ڪانپور، اندور، راجڪوٽ، چنائي ۽ ممبئي ۾ ٿيندي، ان کانپوءِ ٽيسٽ ميچن جي شروعات ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *