پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ڪيريبيئن پريميئر ليگ سان معاهدو ڪري ورتو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ڪيريبيئن پريميئر ليگ سان معاهدو ڪري ورتو آهي. مصباح الحق کي آل رائونڊر شعيب ملڪ جي جاءِ تي ڪيريبيئن پريميئر ليگ جي ٽيم بارباڊوس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مصباح کي آل رائونڊي جي جڳهه تي ٽيم ۾ کنيو ويو. شعيب ملڪ سريلنڪا خلاف ون ڊي اسڪواڊ ۾ پاڪستان ٽيم جي نمائندگي ڪندو، جنهن جي ڪري هو بارباڊوس سان نه کيڏي سگھندو، مصباح الحق 11 جولاءِ تي سي پي ايل جي لاءِ پهرين ميچ کيڏندو. سريلنڪا خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ کيڏي مصباح الحق ڏيهه ورڻ بجاءِ ويسٽ انڊيز روانو ٿي ويندو، جتي هو ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ حصو وٺندو.ٻئي طرف پاڪستان جو مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل به ڪيريبيئن ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ ويسٽ انڊيز روانو ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *