رنبير ڪپور هڪ مڃيل اداڪار آهي هن کي فلاپ فلمن تي فڪرمند ٿيڻ بدران پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ خان جو چوڻ آهي ته رنبير ڪپور هڪ مڃيل اداڪار آهي ان جي لاءِ کيس پنهنجي فلاپ فلمن تي فڪرمند ٿيڻ بدران پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته هڪ اداڪار جي حيثيت سان اسان جو لاڳاپو اهڙي انڊسٽريءَ سان آهي، جتي هر هڪ جي ڪيريئر ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. رنبير ڪپور جو تعلق ان خاندان سان آهي جنهن هِن ملڪ ۾ فلمون شروع ڪيون، ان جي لاءِ هو کيس ان کان وڌيڪ بهتر صلاح نه ٿو ڏئي سگھي ته ڪنهن به اداڪار کي پاڻ تي ڀروسو هجڻ گھرجي پوءِ اوهان کي ڪامياب ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. چاهي 4 فلمون ناڪام ٿين يا 40، رنبير ڪپور پنهنجي فلاپ فلمن سبب پريشان ٿيڻ بدران پنهنجي اداڪاريءَ تي ڌيان ڏئي، ڇو ته ان جي ئي ذريعي هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابين جي مٿانيهن کي ڇُهي سگھي ٿو. واضح رهي ته شاهه رخ تازو ئي بالي ووڊ ۾ اداڪار جي حيثيت سان 23 سال مڪمل ڪيا آهن ۽ هِن وقت سندس 2 فلمون ”دلوالي ۽ رئيس“ مڪمل ٿي رهيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *