پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ ويزا نه ملڻ جي ڪري ڀارت نه وڃي سگھيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ جنهن کي پنهنجي بالنگ ايڪشن جي بائيو مڪينڪل ٽيسٽ جي لاءِ اڱاري ڏينهن چنئي وڃڻو هو، ويزا نه ملڻ جي ڪري هو ڀارت نه وڃي سگھيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان موجب محمد حفيظ کي ويزا جو انتظار آهي. اميد هئي ته اڱاري جي شام تائين کيس ويزا ملي ويندي ۽ هو اربع جي صبح چنئي روانو ٿي ويندو ۽ ان ئي ڏينهن چنئي جي ليبارٽري ۾ سندس بالنگ ايڪشن جي بائيو مڪينڪل ٽيسٽ ٿئي ها، جنهن کان پوءِ هو واپس سريلنڪا هليو وڃي ها. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 جولاءِ کان پاليڪيلي ۾ شروع ٿيندي، پر ظاهري طور اڃا ويزا نه ملڻ ڪري ٽين ٽيسٽ ۾ حفيظ جي شرڪت جو امڪان گھٽ نظر اچي رهيو آهي. محمد حفيط جي بالنگ ايڪشن قائدن ۽ ضابطن خلاف هجڻ ڪري گال ٽيسٽ جي امپائرن رپورٽ ڏني هئي، پر هو ڪولمبو ۾ ٻي ٽيسٽ کيڏيو هو. آءِ سي سيءَ جي قائدن موجب جيڪڏهن ڪو بالر سال ۾ ٻه ڀيرا شڪي بالنگ ايڪشن جي وَر چڙهي ٿو ته هو هڪ سال تائين بين الاقوامي ڪرڪيٽ ۾ بالنگ نه ڪرائي سگھندو. محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن جي شڪي هجڻ بابت پهرين رپورٽ گذريل سال نومبر ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ابوظهبي ۾ کيڏيل ٽيسٽ جي امپائرن ڏني هئي. محمد حفيظ جي بائيو مڪينڪ تجربي جي رپورٽ 14 ڏينهن ۾ اچي ويندي ان دوران هو بين الاقوامي ڪرڪيٽ ۾ بالنگ ڪرائي سگھي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *