پاڪستان ٻي ٽي ٽئنٽي زمبابوي کان کٽي ورتي

لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور جي قذافي اسٽيڊيم تي ٿيل ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي جي ڪپتان ايلٽن چگمبرا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ سندس اوپنرن سبانڊا ۽ مساڪاڊزا 68 رنسن جي بهترين شروعات ڏني، سنباڊا 49 ۽ آل رائونڊر شان وليمز فقط 32 بالن تي 58 رنسون ناٽ آئوٽ ٺاهي ٽيم جو ٽوٽل 175 رنسون ٽي رانديگر آئوٽ تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ويا، پاڪستان جي بالرن خاص ٻوٽو نه ٻاريو فقط سميع، آفريدي ۽ شعيب ملڪ هڪ هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ويا، پاڪستان پاران 176 رنسن جي ٽارگيٽ پويان ويندي اوپنرن احمد شهزاد ۽ احمد مختار بهترين شروعات ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا.احمد مختار لڳاتار ٻي ميچ ۾ ففٽي هڻي پنهنجي صلاحيتن کي ڀرپور نموني ملهايو ۽ هن 40 بالن ۾ 62 رنسون ٺاهيون. پر بعد ۾ پاڪستان جا رانديگر هڪ هڪ ٿيندا آئوٽ ٿيندا ويا، هڪ موقعي تي 161 رنسن تي 8 آئوٽ ٿي ويا هئا ۽ پاڪستان کٽڻ لاءِ 10 بالن تي 15 ۽ زمبابوي کي فقط ٻه وڪيٽون گهربل هيون پر آخري اوو جڏهن پاڪستان کي کٽڻ لاءِ هڪ اوور ۾ 12 رنسون گهربل هيون ته پاڪستان جي بالر بلاول ڀٽي آخري اوور جي پهرين بال تي ڇڪو هڻي زمبابوي جي اميدن تي پاڻي ڦيرڻ جو ڪم ڪيو، ان بعد بلاول ڀڄي ٻه رنسون ٺاهيون ۽ چوٿين بال تي چونڪو هڻي پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي ميچ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *